چين جي امير ترين شخص طرفان پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي مدد ڪرڻ جو اعلان

بيجنگ :- چين جي امير ترين شخص جيڪ ما پاڪستان سميت ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن کي لکين فيس ماسڪ ۽ ڪورونا وائرس ٽيسٽ ڪٽس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.اهو جيڪ ما جي فلاحي خدمتن لاءِ قائم اداري طرفان ان عالمي وبا جي روڪٿام لاءِ ڪوششن جو حصو آهي، جيڪو ان کان اڳ يورپ ۽ آمريڪا کي به فيس ماسڪ ۽ ڪٽس فراهم ڪري چڪو آهي.اي ڪامرس ڪمپني علي بابا جي باني جيڪ ما ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته پاڪستان، بنگلاديش، افغانستان، ڪمبوڊيا، لائوس، مالديپ، منگوليا، ميانمار، نيپال ۽ سريلنڪا کي وائرس جي روڪٿام لاءِ حفاظتي لباس، وينٽي ليٽرز ۽ ٿرما ميٽرز سميت فيس ماسڪ ۽ ٽيسٽنگ ڪٽس فراهم ڪيون وينديون.مجموعي طور جيڪ ما طرفان ايشيائي ملڪن کي 18 لک ماسڪ، ٻن لکن کان وڌيڪ ٽيسٽ ڪٽس، 36 هزار حفاظتي لباس فراهم ڪيا ويندا.جيڪ ما موجب تيز رفتاري سان انهن شين جي فراهمي سولي ناهي پر اسان ائين ڪنداسين.