چيني معيشت عالمي سطح تي وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪندي: برطانوي ماهر

بيجنگ :- برطانيا جي مشهور اقتصادي ماهر مارٽن جيڪس پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ٻئين ٽه ماهي ۾ چين جي معيشت جي اوسر واري شرح نيگيٽو کان پازيٽو طرف اڇڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته چين جي معيشت لچڪدار، مضبوط ۽ قوت محرڪه رکي ٿي. جڏهن ڪووڊ – 19 جي وبا عالمي معيشت جو نقشو بدلي ڇڏيو آهي، چيني معيشت جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي. مارٽن جي خيال ۾ وبائي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ترقي چيني معيشت جي ترقي جو اهم انجڻ بنجي رهي آهي. چين وبا جي جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ان طرح چيني معيشت جي تيز رفتار بحالي واضح پيغام ڏئي رهي آهي ته چيني حڪومت انتظام ۽ انصرام جي صلاحيت تمام مضبوط آهي.