چيني قونصل خاني تي حملي جو مُک ڪردار گرفتار

ڪراچي :- چيني قونصل خاني تي حملي جو مُک ڪردار گرفتار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته راشد بروهي کي نار جي رياست ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس انٽرپول ذريعي پاڪستان منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب راشد بروهي چيني قونصلخاني تي حملي جي نگراني ڪندو رهيو، هُن حملو ڪندڙن کي سموريون سهولتون به مهيا ڪيون ۽ پهرين گرفتار ٿيل جوابدارن سندس نشاندهي ڪئي هئي. واضح رهي ته گذريل سال نومبر مهيني ۾ ڪراچي جي چيني قونصلخاني تي حملو ڪيو ويو، پوليس وقت سر ڪارروائي ڪندي ٽن دهشٽگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا هئا.