چيني شهر بيجنگ ۽ شنگهائي ۾ اسڪول کُلي ويا

بيجنگ :- چين جي وڏن شهرن بيجنگ ۽ شنگهائي ۾ اڄ کان اسڪول کوليا ويا آهن. ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب چين ۾ گذريل ٽن مهينن کان اسڪول بند هئا. شنگهائي ۾ مڊل ۽ هاءِ اسڪول جي آخري ڪلاسن جا شاگرد اڄ سومر کان اسڪول وڃڻ شروع ٿي ويا آهن. بيجنگ ۾ في الحال هاءِ اسڪول جي سينيئر ڪلاڪن جي شاگردن لاءِ اسڪول کوليا ويا آهن ته جيئن اهي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ امتحان جي تياري ڪري سگهن. چين جي ٻين شهرن ۾ به اسڪول آهستي آهستي کوليا پيا وڃن، جڏهن ته ووهان ۾ اسڪول 6 مئي کان کلندا. اسڪولن ۾ داخل ٿيڻ وقت هڪ ايپليڪيشن جي مدد سان شاگردن جو بخار ۽ ٻيون علامتون چڪاسيون وينديون آهن ۽ رڳو تندرست ٻارن کي اسڪولن ۾ وڃڻ جي اجازت آهي.