چين، امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪورونا وائرس کي “چيني وائرس” ڪوٺڻ جي مخالفت

بيجنگ :- چين، امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪورونا وائرس کي “چيني وائرس” ڪوٺڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته امريڪا پهريان پنهنجا مامرا خود سنڀالي. بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان روز جي بريفنگ دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا وائرس کي چيني وائرس قرار ڏنو آهي. بيجنگ ٽرمپ جي استعمال ڪيل لفظن جي شديد مخالفت ڪري ٿو. پرڏيهي ترجمان گينگ شوانگ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پهريان امريڪا پنهنجا مامرا پاڻ سنڀاري. امريڪي صدر پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪورونا وائرس کي چيني وائرس ڪوٺيو هو.