چين،برطانيا، فرانس، جرمني ۽ روس پاران ايران سان ائٽمي معاهدي جي حمايت جو اعلان

بيجنگ/لنڊن، ماسڪو :- چين، برطانيا، فرانس، جرمني ۽ روس پاران ايران سان ائٽمي معاهدي جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي، چين طرفان تهران تي عالمي پابندين جي بحالي ۽ هٿيارن تي پابندي ۾ واڌ لاءِ آمريڪي ڪوششن تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي،  ويانا ۾ ڳالهين جي صدارت هيٺ يورپي يونين جي سينيئر عهديدار هيلگا شِمِڊ جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ايران سان ائٽمي معاهدي تي عمل چاهن ٿا، موجوده چئلينجن باوجود معاهدي تي مڪمل عمل يقيني بڻائڻ لاءِ رستو ڳوليو ويندو