چمبڙ لڳ بک جي ماريل ٻن ڪولهي ڀائرن جو جيءُ جهوريندڙ آپگهات

چمبڙ :- چمبڙ لڳ ڳوٺ حاجي ڪرم رند ۾ درد ناڪ واقعو شادي شده  ٻن سڳن ڀائرن چندر ۽ جامن ڪولهي هڪ ئي نئي ٺھيل گهر ۾ ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو انجهائي آپگهات ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب چمبڙ لڳ ڳوٺ حاجي ڪرم رند ۾ زميندر عبدالستار لغاريجي زرعي زمين تي رهندڙ ڪولهي برادري جي ٻن سڳن ڀائرن 30 سالن جو چندر پٽ فتو ڪولهي 27 سالن جو جامن پٽ فتو ڪولهي اوڏڪي ڀت تي ڪاٺي رکي جنهن ۾ ٻنهي ڀائرن گڏجي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڏک واري لهر ڇانيل آھي جڏهن ت چندر ڪولهي کي ٽن ٻارن جو اولاد پڻ آھي ۽ سندس ٻئي ڀاءُ جامن ڪولهي کي پڻ ٻن معصوم نياڻين جو اولاد آھي ٻئي پاسي تعلقه پريس ڪلب جي صحافين جي ٽيم آڏو مقتولن جي بيواهن شريمتي لڇمي ڪولهي شريمتي پاروتي ڪولهي روئيندي ٻڌايو ت اسان جا آپگهات ڪندڙ مڙس اڪثر ڪري پريشان رهنداهئا اسين ضلعي بدين جي ڳوٺ کڏهڙو ۾ گهر جو لڏو کڻڻ لاء ويل هئاسين جتي اسان کي فون ذريعي اهڙو اطلاع ڏنو ويو واپسي اچڻ تي اسان جي مڙسن جا بغير ڇت واري گهر ۾ لاش ڦاهو کاڌل لٽڪيل هئا جن کي چمبڙ پوليس پهچي لاش ھيٺ لاٿا وڌيڪ آپگهات ڪندڙن جي ڀاء ٻڌايو ت منهنجا ٻئي ڀائر چندر ۽ جامن بيروزگاري ۽ بک سبب اڪثر پريشان رهندا هئا جنهن ڪري هنن اهڙو قدم کنيو ٻئي طرف مقتولن جي پي فتو ڪولهي ٻڌايو ت اسان گذريل 13 سالن کان ضلع بدين جي ڳوٺ کڏهرو ۾ رهندا هئاسين جتان ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ بعد  مزدوري خاطر زميندار عبدالستار لغاري جي زرعي زمين تي گهرن جي اڏاوت ڪري رهيا ھئاسين چار مهينن کان منهنجا ٻئي پٽ چندر ۽جامن ڪولهي اڪثر ڪري بيروزگاري ۽ مزدوري ن ملڻ سبب سخت ذھين طور تي پريشان هئا جنهن جو دماغي توازن پڻ صحيح ن هو جڏهن ت  مقتولن جي پي فتو ڪولهي جون پڻ 2 شاديون ٿيل آھن ياد رهي ت هڪ سال اڳ ب فتو ڪولهي جي نوجوان پٽ ڪرشن ڪولهي کي سندس ڏاج ۾ مليل ڳئون وڪرو ڪرڻ تان سندس گهرواري سان جهيڙو پڻ ٿي پيو هو جنهن پڻ آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو هوڏانهن اهڙي اطلاع چمبڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي جنهن بعد وارثن جا بيان قلمبند ڪري بنا پوسٽ مارٽم جي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا جن کي کي ديھ ڪاٺوڙي ۾ دفنايو ويو هوٻئي پاسي چمبڙ ايس ايڇ او امتياز ڊومڪي سان فون تي رابطو ڪرڻ ڪال اٽينڊ ن ڪئي جڏهن ت ٻن ڀائرن جي آپگهاتي واري واقعي بعد علائقي ۾ مامري کي ڳجھ ڳوھ ۾ رکڻ جا چوٻول پڻ هلي رهيا آھن جڏهن ت ڀرپاسي جي علائقن ۾ خوف وارو ماحول ڇائنجي ويو آھي