creative writing prompts short stories uga creative writing minor homework help pictures essay writers uk cheapest essay writing service usa can you write an essay in the third person who to write a good cover letter lsvt homework helper dvd online homework help blog creative writing tsunami creative writing points creative writing meaning in telugu

چار مارچ ۽ سنڌ جي قومي جدوجهد :ليکڪ انجنئير اوڀايو خشڪ

چار مارچ 1967ع سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو.انهي ڏينهن نه صرف سنڌي شاگردن ۾ پر سڄي سنڌي سماج ۾ نئين سوچ جو بنياد رکيو ۽ سنڌي سماج هڪ ببر شينهن جيئن اٿي کڙو ٿيو ۽ سنڌ ڀيليندڙن خلاف پنهنجي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪيو. 4 مارچ واقعي جو پس منظر اهو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پنهنجن مطالبن لاءِ هڪ تحريڪ شروع ڪئي، جيڪا پوءِ حڪومت جي خلاف تحريڪ جو بنياد رکڻ جو سبب بڻي. شاگرد پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ روز بسون ڀري ڄامشوري کان حيدرآباد ايندا هئا، پر انتظاميا انهن جي مطالبي تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ يونيورسٽي انتظاميا خلاف تاديبي ڪارروائي شروع ڪئي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي وائيس چانسلر کي عهدي تان هٽائڻ هو. وائيس چانسلر کي هٽرائڻ ۾ ان وقت جي حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر مسرور حسن جو هٿ هو. 4 مارچ تي شاگرد اڳواڻن پنهنجن مطالبن مڃرائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس حيدرآباد ۾ هڪ احتجاجي جلسو رکيو هو. شاگرد بسن ۾ سوار ٿي حيدرآباد احتجاجي جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ روانا ٿيا، پر اولڊ ڪمپس پهچڻ کان اڳ ۾ ڪمشنر مسرور حسن جي حڪم تي پوليس موجوده راجپوتانا اسپتال وٽ، جيڪو ان وقت خالي ميدان هو، بسن کي روڪي شاگردن کي بسن مان لاهي مٿن تشدد ڪرڻ شروع ڪيو، ڪيترا شاگرد زخمي پڻ ٿيا، پوءِ 207 شاگردن کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ڀيڙو ڪيو ويو. اهو ون يونٽ جو دور هو، جنهن ۾ سنڌ جو نالو کڻڻ ڏوھه هوندو هو، بقول اياز سنڌڙي تنهنجو نالو کنيو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو. سنڌي ماڻهن ۾ اڳئي سياسي بيچيني هئي ۽ وري سنڌي شاگردن تي بنا سبب جي تشدد ڪرڻ ڪري سڄي سنڌ ۾ احتجاج جي لهر اٿي. حقيقت ۾ 4 مارچ جي واقعي سنڌ ۾ هڪ نئين سوچ جو بنياد رکيو. انهي واقعي کان پهرين شاگرد سياست صرف ڪاليج يونين تائين محدود هوندي هئي، سواءِ ڪراچي جي جتي نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۽ اسلامي جميعت طلبه جو وجود هو. انهيءَ واقعي کانپوءِ سنڌي شاگردن ۾ شاگرد تنظيمن جو بنياد پيو.سڀ کان پهرين حيدرآباد اسٽوڊنٽ فيڊريشن ٺاهي وئي. ان کان پوءِ سنڌ اسٽوڊنٽ ڪلچرل آرگنائيزشن (S.S.C.O)، جيئي سنڌ نوجوان محاذ ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ وجود ۾ آيون. 4 مارچ کانپوءِ اٿيل سياسي تحريڪن جتي ون يونٽ جو خاتمو آندو، اتي سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇپرائڻ وارو مطالبو پڻ مڃرايو. اڳتي هلي اها تحريڪ سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۽ قومي حقن جي حاصلات جي روپ ۾ ظاهر ٿي، پر ان جو ڪو خاطرخواهه نتيجو نه نڪتو. اها تحريڪ ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي جي مصداق اڃان تائين جاري آهي انهي موقعي تي بنگال جي شاگردن طرفان بنگالي ٻولي لاءِ هلايل تحريڪ کي ياد نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. 1947ع ۾ پاڪستان حڪومت اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو انهيءِ تي بنگالين شديد رد عمل جو اظهار ڪندي بنگالي ٻولي کي پڻ قومي ٻولي تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. 1952ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي ۽ 21 فيبروري 1952ع تي پوليس طرفان ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن جي جلوس تي فائرنگ ڪرڻ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا شهيد ٿي ويا پر بنگالين آڻ نه مڃي ۽ آخر هو 1956ع ۾ پنهنجي ٻولي، قومي ٻولي مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سياسي حلقن طرفان اها راءِ آهي ته بنگلاديش جي آزادي جو بنياد اها تحريڪ هئي. بنگالي شاگردن جي انهيءَ قرباني کي مڃتا ڏيندي اقوام متحده 1999ع ۾ يونيسڪو جي سفارش تي 21 فيبروري کي “مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن” قرار ڏنو ۽ هر سال 21 فيبروري تي سڄي دنيا ۾ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. 4 مارچ جي تحريڪ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ قومپرست اديبن، شاعرن ۽ اڳواڻن جو هڪ وڏو تعداد سامهون آيو. جن ۾ يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، مسعود نوراني، ڄام ساقي، عبدالحئي پليجو، امان الله شيخ، اعجاز قريشي ۽ ٻيا کوڙ سارا نالي ڳڻائي سگهجن ٿا. انهيءَ تحريڪ لاءِ سنڌ جي مهان قوي شيخ اياز چيو ته 4 مارچ سنڌ جو مئي ڊي May Day آهي. اڄوڪي ڏينهن حيدرآباد ۾ سنڌ جي شاگردن انهي ظلم خلاف پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اڀو ڪيو جنهن سنڌ جي صوبي، ان جي قوميت، زبان، ثقافت، سياسي آزادي ۽ اقتصادي برابري کي ختم ڪرڻ جي سازش رٿي هئي. 4 مارچ 1967ع نه رڳو سنڌي شاگردن جي تحريڪ جي شروعات جو ڏينهن آهي پر ان کان پوءِ سنڌي شاگردن قومي جدوجهد جي واڳ پنهنجي هٿن ۾ ورتي ۽ ڪيترو عرصو انهي کي مضبوطي سان جهلي اڳتي وڌندا رهيا. ان کان اڳ ۾ قومي جدوجهد جون چار لهرون ٻيون به آيون هيون جن ۾ 1. محترم جي ايم سيد جي اڳواڻيء ۾ محب وطن پارليامينٽري طريقي جي جدوجهد 2. محترم جي ايم سيد طرفان علمي ۽ نظرياتي جدوجهد 3. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اڳواڻي ۾ هلايل طبقاتي ۽ قومي جدوجهد ۽ 4. شيخ اياز، ابراهيم جويو ۽ ٻين طرفان هلايل علمي ۽ ادبي تحريڪ شامل آهن. اڄ اها قومي تحريڪ ماٺار جو شڪار آهي. منهنجي خيال ۾ قومي جدوجهد ۾ ماٺار جو هڪ ظاهري سبب اهو نظر اچي ٿو ته جڏهن تحريڪ ۾ ڪجهه ماڻهن طرفان تشدد يا هٿيار جو طريقو استعمال ڪيو . جنهن ڪري سنڌ جي قومي جدوجهد پنهنجي اصل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. سنڌ جي قومي ڪارڪنن، سڄاڻ ڌرين ۽ ساڃاهه وندن کي گذارش آهي ته انهي ماٺار واري صورتحال مان ڪو گس ڳولين ۽ قومي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد کي نئين سر منظم ڪن.