چائلڊ پورنوگرافي ۾ ملوث جوابدار جي آزادي تي ايف آءِ اي اختياريون طلب

لاهور :- ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻارن جون پورن فلمون ٺاهيندڙ جوابدار جي آزادي تي ايف آءِ اي اختيارين کي طلب ڪري ورتو. گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ ٻارن جون پورن فلمون ٻاهرين ملڪ کپائڻ جي الزام ۾ سزا ماڻيندڙ جوابدار جي سزا معطل ڪري کيس ضمانت تي رها ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته جوابدار کي  ضمانت عيوض 2 لک رپين جي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو چيو ويو آهي. جوابدار جي ضمانت منظور ٿيڻ تي ايڊيشنل اٽارني جنرل اشتياق اي خان ايف آءِ اي اختيارين کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو آهي ته سزا ماڻيندڙ جوابدار جي رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ضمانت خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته اڃا تائين هاءِ ڪورٽ جي آرڊر جي ڪاپي وصول ناهي ٿي پر ان معاملي تي ايف آءِ اي جاچ آفيسر رڪارڊ سميت اٽارني جنرل آفيس ۾ پيش ٿيندو. واضح رهي ته سعادت امين مالي جوابدار کي وفاقي جاچ اداري 2017 ۾ پنجاب جي شهر سرگوڌي مان گرفتار ڪيو هو ۽ 2018 ۾ لاهور جي سائبر ڪرائم بابت عدالت کيس 7 سال قيد ۽ 12 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.