ڄامشوري ۾ لاکڙا ڪوئلي جي کاڻن مان ڪوئلو چوريءَ وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد:- ڄامشورو لاکڙا ڪوئلي جي کاڻن تي ڊيوٽي ڪندڙ پي ايم ڊي سي ملازمن بااثر ماڻهن جي نگراني ۾ ڪوئلو چوري ڪري وڪرو ڪرڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي.ان موقعي تي حاجي مدد علي کوسو، حاجي پيرمدار، عمران هليو، اميدون کوسو۽ ٻين چيو ته پاڪستان منرل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن لاکڙا ڪول مائينگ پروجيڪٽ هڪ قومي ۽ ٽيڪس ڏيندڙ ادارو آهي، جنهن جي ليز سنڌ حڪومت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي پي ايم ڊي سي جو ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. ان جي باوجود سنڌ حڪومت ڪوئلو ڪڍڻ لاءَ ڪوڙي ڪمپني ذريعي ٽينڊر ڪري ڪوئلو ڪڍيڻ غير قانوني ۽ توهين عدالت آهي.هنن چيو ته ڪم ڪندڙ پورهيتن جي نوڪري ۽ زندگي داءَ تي لڳي وئي آهي. جنهن ڪري اڄ پورهيت فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن اعلي  اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.