ڀلي گهر نه ڏيو پر ڊاهيو ته نه. تحرير : صاحب خان ڀٽي

سڄي دنيا ۾ هر ملڪ جي حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ذميوار هوندي آهي، ايتري قدر جو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ روزگار، تعليم ۽ صحت جي سهولتن سان گڏ ٻيون کوڙ ساريون سهولتون ڏنيون وينديون آهن  ته جيئن سندن ملڪ جو عوام خوشحال رهي پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ حڪمران اقتدار ۾ اچڻ بعد پنهنجي طاقت جو استعمال غريب ۽ بي پهچ ماڻهن تي ئي ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو اسان جو ملڪ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو پوئتي آهي، خاص طور تي  هن ملڪ ۾ بي روزگاري تمام گهڻي آهي ۽ ان سان گڏ ملڪ ۾ پيئڻ جي پاڻي، خوراڪ سميت  ٻيا کوڙ سارا مسئلا آهن پر اسان جي ملڪ جا حڪمران ٻين ملڪن کي ڪڻڪ امداد ۾ ڏئي رهيا آهن،

هن وقت ملڪ قرض ۾ ٻڏل آهي،جنهن به پارٽي جي  حڪومت ايندي آهي، اها ٻاهرن ملڪن کان قرض کڻندي آهي ۽ اهو  قرض جي نالي تي ورتل پيسو  عوام تي خرچ ٿيندي نظر نه ايندو آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ خوشحالي بدران عوام ٽيڪسز جي گهاڻي ۾ پيسجندو رهندو آهي. هاڻ به ملڪ جو اهو ئي حال آهي، جن به حڪمرانن  دنيا کان قرض ورتو، انهن کان پڇاڻو ضرور ٿيڻ گهرجي ته آخر اهو پيسو ويو ته آخر ويو ڪيڏانهن ۽ اهو پيسو ڪٿي خرچ ٿيو ۽ آخر هن وقت تائين دنيا کان ورتل قرض جو پيسو  واپس ڇو نه ڏنو ويو آهي؟ آخر اهڙا ڪهڙا سبب آهن جو حڪمران قرض وٺي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن.

جيڪڏهن ملڪ جو قرض نه لٿو ته  هي ملڪ ايئن ئي قرض جي دٻڻ ۾ ڦاٿل رهندو ۽ عوام ٽيڪسز مٿان ٽيڪسز ڏيندو رهندو. هن وقت دنيا جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس اسان جي ملڪ جو عوام ئي ڀري رهيو آهي، مهانگائي به چوٽ چڙهي وئي آهي پر افسوس جو حڪمرانن جي ڪن تي جونءَبه نه ٿي چري، جيڪا به حڪومت ايندي آهي، اها رڳو قرض وٺڻ ۽ عوام تي ٽيڪسز مٿان ٽيڪسز لڳائڻ لاءِ اجلاس ڪوٺائيندي آهي، هاڻ به اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي پر فرق رڳو ايترو آهي جوماضي جي حڪومتن ۾ عوام تي ٿورو هلڪو هٿ رکيو ويندو هو پر تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ غريب ماڻهن جون ننڊون ئي ڦٽي ويون آهن، هر طرف تبديلي لاءِ توبهه زاري ڪئي پئي وڃي، جيڪي ماڻهو تبديلي جي نعري تي نچندا هئا، اهي به اڄ هن حڪومت جي ڪرتوتن تي رڙيون ڪري رهيا آهن، جنهن عوام نئين پاڪستان جي آس ۾ تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو هو، اهي اڄ  خاموش نظر اچي رهيا آهن ۽ سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڇا هي آهي نئون پاڪستان؟ جنهن ۾ غريب ۽ حقدار ماڻهن کان حق کسيو پيو وڃي.

هن ملڪ ۾ هن وقت اهڙو ڪو ادارو نه بچيو آهي، جنهن جا ملازم دانهون نه ڪندا هجن، بس فرق رڳو ايترو آهي جو ميڊيا تي اهي خبرون نه هلي رهيون آهن، بس هرطرف حڪومت جي ڪارڪردگي جا چرچا هلي رهيا آهن، اپوزيشن به روايتي طور بيان ڏئي خاموش آهي ۽ عوام جي حقن لاءِ ڪو به روڊن تي نظر نه اچي رهيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو هو ته هن ملڪ ۾ هاڻ ڪو به احتجاج نه ڪري رهيو آهي پر اصل حقيقت ان جي ابتڙ آهي  ۽ غريب عوام کي پريشان ڪرڻ لاءِ  پلان مٿان پلان جوڙيو پيو وڃي، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جو گذر سفر تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويو آهي. هن وقت ملڪ جي معاشي حالت به تمام گهڻي خراب آهي، چين، ملائيشيا، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات کان به امداد وٺڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي پر ان باوجود ڊالر کي پر لڳي ويا آهن ۽ ڊالر تمام گهڻو مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن سبب ملڪ جو قرض به تمام گهڻو ٿي ويو آهي.

ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊالر مهانگو ٿيڻ جو مطلب آهي ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف جا سخت شرط مڃي ورتا آهن.  بهرحال حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، ان سان خوشحالي نه پر عوام رهندو قرضي ٿيندو پيو وڃي ۽ ٽيڪس لڳائڻ سبب غريب ماڻهو ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندو پيو وڃي. ايتري قدر  جو تحريڪ انصاف هن ملڪ جي بدنصيب عوام سان واعدو ڪيو هو ته 50 لک گهر ٺهرائي ڏنا ويندا پر گهر ٺاهي ڏيڻ ته ٺهيو پر رهندو غريب ماڻهن جا گهر ڊاهيا پيا وڃن، اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ جيڪڏهن غريب ماڻهن جا گهر ڊاٿا ويندا هئا ته ماڻهن کي احتجاج ڪرڻ جو به حق حاصل هوندو هو پر افسوس جو هن حڪومت ۾ اهو به حق نه آهي.

اڳوڻي صدر  پرويز مشرف جي دور ۾ به ڪراچي جون سنڌي وسنديون ڊاهڻ جون ڪوششون ٿيون هيون  پر سنڌجي عوام ان سازش کي  ناڪام بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي  پنهنجو  احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو پر  هي حڪومت اهو ڪم ڪري رهي آهي،جيڪو هو آمر  به ڪرڻ کان اڳ سوچيندو هو پر هن حڪومت کي ڪا به پرواهه نه آهي. حددخلين جو جواز ڏئي سنڌي آبادين کي نشانو بڻائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ۽ غريب ماڻهن جا گهر ڊاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو هو انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي، ڪيترائي  دڪان ۽ گهر ڊاهيا ويا آهن، ايتري قدر جو ڪجهه ڳوٺن ۾ ته نوٽيس به ڏنا ويا آهن، جيڪڏهن  تحريڪ انصاف کي اقتدار مليو آهي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جا اجها ڊاٿا وڃن.

هن وقت تحريڪ انصاف عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ بدران انهن کي وڌيڪ مسئلن ڏانهن ڌڪي رهي آهي ۽ ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. ميڊيا تي رڳو اهي خبرون هلي رهيون آهن ته حددخليون ڊاٿيون پيون وڃن پر ان پٺيان ڪهاڻي اڃا ڪا ٻي ئي آهي؟ جيڪا سنڌ جو عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿو، هن وقت ڪراچي جي وڏن علائقن ۾ فٽ پاٿ ۽ ڇپرا ڊاهيا پيا وڃن، جنهن جي ڪجهه تجزيه نگار تعريف ڪري رهيا آهن پر  هاڻ اهو عمل حددخلين کان  مٿي ٿي ويو آهي ۽ اهو قصو  سنڌي وسندين ڏانهن وڌندو پيو وڃي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ بنگالي، بيهاري،  برمي ۽ افغاني وڏي تعداد ۾ آباد آهن پر انهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻڻ لاءِ حڪومت ڪو به قدم نه کڻي رهي آهي، پر  سنڌي وسنديون هر حڪومت جي اک ۾ ڪنڊي جيان ڇپڀنديون رهيون آهن. هونئن ته جڏهن کان   تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آهي، تنهن ڏينهن کان رڳو اجلاس ڪوٺائڻ  جو سلسلو جاري آهي ۽ انهن اجلاسن ۾ عوام جي ڀلائي نه پر  مهانگائي ڪيئن وڌائي وڃي، ان بابت ئي فيصلا ٿي رهيا آهن، لڳي  ائين ٿو ته جيڪو نوازشريف سان سلوڪ ٿي رهيو آهي، ان کان به وڌيڪ  سلوڪ عوام سان ڪيو پيو وڃي، نوازشريف کي ته اها خبر آهي ته کيس  ڇا جي ڪري عدالتن جا چڪر ڪاٽڻا پيا آهن پر عوام کي ته اها به خبر نه آهي ته آخر حڪومت  ڇا جي ڪري عوام تي ٽيڪسز مٿان ٽيڪسز لڳائي پريشان ڪري رهي آهي،

سرڪاري ملازم هجي يا ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت، ان جي اجرت ۾ ڪو به اضافو نه پيو ڪيو وڃي پر  ٽيڪسز ۾ واڌ  ڪئي پئي وڃي، ان جو مثال بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت کي سئو ڏينهن کان مٿي جو عرصو ٿي رهيو آهي، جج به ريمارڪس ڏئي رهيا آهن ته هن حڪومت جي ڪا به اهليت نه آهي، ڪجهه ججز جا ته اهي به ريمارڪس آهن ته کين لڳي رهيو آهي ته سڄي ملڪ کي هڪ ٻه ڪلارڪ هلائي رهيا آهن.

جڏهن هن ملڪ جا جج صاحب به اهڙا ئي بيان ڏين ته ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته موجوده حڪومت وٽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه آهي، جيڪڏهن حڪومت وٽ ڪا به حڪمت عملي هجي ها ته  سئو ڏينهن ۾ پيٽرول، گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي وڃي ها ۽ نه ئي ماڻهن کي بي گهر ڪيو وڃي ها. جيڪڏهن حڪومت عوام کي سهولتون ڏئي نه ٿي سگهي ته  پوءِ سهولتون کسي ته نه؟ تحريڪ انصاف  اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ قوم سان واعدو ڪيو هو ته بي گهر  ماڻهن کي 50 لک گهر ٺهرائي ڏنا ويندا پر افسوس جڏهن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آهي، تنهن ڏينهن کي ڀڃ ڊاهه وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

جيڪڏهن ايئن ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو رهيو ۽ گهرن کي ڊاهڻ جو سلسلو جاري رهيو ته تمام جلد هن ملڪ جو عوام بنا ڪنهن سياسي پارٽي جي  هن حڪومت جي خلاف روڊن تي نظر ايندو، تحريڪ انصاف ته رڳو پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي وٺي ڌرڻو هنيو هو پر جڏهن غريب ماڻهو تنگ ٿي ويا ۽ بي گهر ٿي ويا ته هي حڪومت گهڻي دير هلي نه سگهندي. ڇاڪاڻ ته موجوده حالتن ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي ته حڪومت عوام کي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهي رهي آهي.

جيڪڏهن  واقعي تحريڪ انصاف کي  عوام جو  تمام گهڻو خيال آهي ۽ هن ملڪ جي غريب عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ   غريب ماڻهن جون وسنديون ڊاهڻ وارو عمل بند ٿيڻ گهرجي ۽ حددخلين جي اوٽ ۾ غريب ماڻهن جا اجها نه ڊاٿا وڃن، بجلي، گيس ۽ پيٽرول جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن ۽ اوترو ٽيڪس لڳايو وڃي، جيڪو جائز هجي، جنهن سان غريب ۽ مسڪين ماڻهن تي اهو ٽيڪس بار نه بڻجي.  اسان ته موجوده حڪومت کي رڳو ايتري ئي التجا ڪنداسين ته  توهان ڀلي غريب ماڻهن کي گهر نه ڏيو، اها اوهان جي مرضي آهي پر ٻيلي غريب ماڻهن جا اجها نه ڊاهيو، جيڪڏهن عوام کي ايذائڻ بند نه ڪيو ويو ته هي حڪومت به لوڏي ۾ اچي ويندي، جنهن کي  پيپلزپارٽي جو چيئرمين سليڪٽيڊ حڪومت چئي رهيو آهي.