creative writing teacher near me st paul public library homework help ou creative writing ma university of alabama mfa creative writing creative writing description of a barn doing homework cartoon pic creative writing worksheets primary 2 year 3 creative writing lesson plan does homework help improve academic performance ontario homework help primary homework help greece daily life english lesson creative writing

ڀارت کان کنڊ، ڪپهه ۽ ڌاڳو برآمد ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد := پاڪستان ۽ ڀارت ۾ واپاري لاڳاپن جي بحالي جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن ۽ ڀارت کان کنڊ، ڪپهه ۽ ڌاڳو درآمد ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.ذريعن موجب واپار واري وزارت ان حوالي سان سمريون منظوري لاءِ سڀاڻي اقتصادي رابطا ڪائونسل ۾ پيش ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته واپار واري وزارت وزيراعظم جي اجازت کانپوءِ سمريون اي سي سي کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب ڀارت کان کنڊ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) ۽ ڪمرشل درآمد ڪندڙن ذريعي درآمد ڪرڻ جي تجويز آهي، هن وقت ڀارت جا برآمد ڪندڙ ٽي سي پي جي ٽينڊرز ۾ حصو نٿا وٺي سگهن، ڇو ته ڀارت جي برآمد ڪندڙن طرفان ٽي سي پي جي ٽينڊرز ۾ حصو وٺڻ تي پابندي آهي.رپورٽ موجب ڀارت کان 30 جون 2021 تائين ڪپهه ۽ ڌاڳو برآمد ڪرڻ جي تجويز آهي، ڀارت سان زميني رستي ذريعي به ڪپهه ۽ ڌاڳو درآمد ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪپهه درآمد ڪرڻي پوندي آهي، ڀارت کان ڪپهه ۽ ڌاڳي جي درآمد سستي پوندي، ڪپهه جي پيداوار ۾ تاريخي گهٽٽائي سبب ڌاڳي تي به دٻاءُ پيو آهي.واضح رهي ته پاڪستان آگسٽ 2019 ۾ ڀارت سان ٻه طرفو واپار معطل ڪيو هو.