پي ٽي ايم سربراهه محسن داوڙ کي ڪوئيٽا پهچڻ دروان ايئرپورٽ تي روڪيو ويو

ڪوئيٽا : پشتون تحفظ موومينٽ جي سربراهه محسن داوڙ کي ڪوئيٽا پهچڻ دروان ائيرپورٽ تي روڪيو ويو. پي ٽي ايم سربراهه محسن داوڙ شيڊولڊ فلائيٽ ذريعي ڪوئيٽا پهتو ته کيس ايئرپورٽ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪيو ويو. محسن داوڙ کي ايئرپورٽ کان ٻاهر نه ڇڏڻ تي پي ٽي ايم ڪارڪنن ايئرپورٽ ٻاهريون احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.