پي ٽي آءِ پ پ حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي :- پيپلز پارٽي جي ڪرپشن خلاف لاڙڪاڻي مان تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون، پي ٽي آءِ پ پ حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ايم پي اي حليم عادل شيخ چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۾ دم نه آهي جو اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ خلاف تحريڪ هلائي، پيپلز پارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ ڊيل ٿي وئي آهي ته اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان ڌرڻو هڻندو، بلاول ڀٽو سندس پويان ويهندو، ڪراچي ۾ مڇيءَ تي پابندي خلاف مهاڻن جي احتجاج ۾ شرڪت دوران حليم عادل شيخ مطالبو ڪيو ته نثار مورائي ۽ عذير بلوچ جِي جَي آءِ ٽيز تي نيب سوڌو ٻيا ادارا ايڪشن کڻن.