پي ٽي آءِ حڪومتي دور جي پهرين آڊٽ رپورٽ تيار، وفاقي کاتن ۾ 270 ارب رپين جي بدعنوانين جو انڪشاف

اسلام آباد :- آڊيٽر جنرل آف پاڪستان طرفان مالي سال 2019-20 جي آڊٽ رپورٽ تيار ڪري ورتي، جنهن ۾ 40 وفاقي وزارتن ۽ کاتن ۾ آڊٽ ڪئي وئي، جنهن تحت ڪرپشن ۽ جعلي رسيدن جي مد ۾ 12 ارب 56 ڪروڙ روپين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي کاتن ۾ 79 ارب 59 ڪروڙ روپين جي ريڪوري جا ڪيس، 8 ارب 89 ڪروڙ روپين جي ماليت جاڪمزور انٽرنل ڪنٽرول جا ڪيس ۽ 152 ارب 20 ڪروڙ روپين جي ڪمزور مالياتي مينيجمينٽ جا ڪيس سامهون آيا آهن. آڊيٽر جنرل چيو ته سرڪاري ادارن 17 ارب 96 ڪروڙ روپين جو ريڪارڊ سندن حوالي نه ڪيو، ان لاءِ پارليامنيٽ جي منظوري کانسواءِ سرڪاري ادارن کي خرچ ڪرڻ کان روڪيو وڃي. آڊيٽر جنرل چيو ته پارليامينٽ جي منظوري کانسواءِ سپليمينٽري گرانٽ جاري ڪرڻ جو سلسلو روڪيو وڃي ۽ ڪرپشن جا ڪيس جاچ ادارن ڏانهن موڪليا وڃن.