پي ٽي آءِ ايم پي اي شهريار شر پاران ٻيٽن تي قبضي خلاف ٺهراءُ جي مخالفت ۾ واڪ آئوٽ جو بائيڪاٽ

ڪراچي : پي ٽي آءِ ايم پي اي شهريار شر ٻيٽن تي قبضي خلاف ٺهراءُ جي مخالفت ۾ واڪ آئوٽ ختم ڪري ايوان ۾ واپس اچي ويو، پ پ ۽ جي ڊي اي ميمبرز طرفان ڊيسڪ وڄائي شهريار شر جي آجيان ڪئي. پي ٽي آءِ ايم پي اي چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، صوبي جي ٻيٽن تي قبضي ۽ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف ٺهراءُ جي حمايت ڪريان ٿو، خبر آهي ته پارٽي طرفان مون تي دٻاءُ وڌايو ويندو، پر جيستائين زنده آهيون، ڌرتي جي حفاظت ڪنداسين. جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته پ پ حڪومت وفاق کي ٻيٽ لکي ڏنا، اسيمبلي ۾ ثابت ڪنداسين ته صوبائي حڪومت سنڌ جون زمينون وڪڻي ڇڏيون.