پي ايس ايل ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو

ڪراچي (اسپورٽس خبر):- پاڪستان سپر ليگ جي اهم ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ايس ايل فور جو ميلو ڪراچيءَ ۾ لڳي ويو آهي ۽ شوقينن جو وڏو انگ نيشنل اسٽيڊيم پهتل آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي جا پڻ سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ٽاس کٽڻ کانپوءِ فيلڊنگ جو فيصلو ڪندڙ لاهور قلندرز جي ڪپتان فخر زمان جو چوڻ هو ته اسان مخالف ٽيم خلاف پلان تيار ڪري ڇڏيو آهي. محمد سميع جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ راندين جا ميدان آباد ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.