(پي ايس ايل) جي پنجين ايڊيشن ۾ اچ پشاور زلمي جو مقابلو ڪراچي ڪنگز سان ٿيندو

راولپنڊي: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي پنجين ايڊيشن ۾ اچ پشاور زلمي جو مقابلو ڪراچي ڪنگز سان ٿيندو، ٻنهي ٽيمن جي ٻن ميچن ۾ ڪاميابي ملي آهي ۽ ٻن ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٻئي ٽيمون شام  وڳي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هونديون. ڪراچي ڪنگز ۾ بابر اعظم، عماد وسيم، ڪيمرون ڊيلپورٽ، اليڪس هيلز، محمد عامر ۽ شرجيل خان شامل آهن، جيڪي ڪنهن به وقت ميچ جو پاسو مٽائي سگهن ٿا. ٻئي طرف پشاور زلمي آهي، جنهن جو ڪپتان ڊيرن سيمي سان گڏ ڪامران اڪمل، شعيب ملڪ، وهاب رياض، ٽام بينٽن ۽ ليام ڊائوسن شامل آهن.