پي آءِ اَي ملڪ اندر هلندڙ سمورين اڏامن جا ڀاڙا گهٽائڻ جو اعلان

اسلام آباد :- پي آءِ اَي ملڪ اندر هلندڙ سمورين اڏامن جا ڀاڙا گهٽائڻ جو اعلان ڪندي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن لاءِ هڪ پاسي جو گهٽ مان گهٽ ڀاڙو 12 هزار رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ پي آءِ اَي جَي ترجمان چيو ته ڪورونا جي صورتحال سبب ملڪ اندر هلندڙ سمورين اڏامن جا ڀاڙا گهٽايا پيا وڃن. ترجمان موجب، مسافرن جِي سهولتن لاءِ ٽڪيٽ سستي ڪئي وئي آهي. پي آءِ اَي جَي ترجمان موجب، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن لاءِ هڪ پاسي جو گهٽ مان گهٽ ڀاڙو 12 هزار رپيا هوندو. پي آءِ اَي جَي ترجمان جو چوڻ آهي ته مسافرن لاءِ اڏامن جي ڀاڙن ۾ لاٿ اڄ کان ئي لاڳو هوندي