پي آءِ اي جا 150 پائليٽ جعلي ڊگرين ۽ لائسنس تي ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف، چئن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد :- وفاقي سرڪار، پي آءِ اي جهاز حادثي جو ذميوار پائليٽ ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر کي قرار ڏنو آهي، هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان جو چوڻ آهي ته پائليٽ جو ڌيان جهاز سنڀالڻ بدران ڪورونا وائرس تي هو، هن ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر جي هدايتن کي به نظرانداز ڪيو، جهاز جي انجڻ ٽي ڀيرا رن وي سان ٽڪرائجي جنهن جي وڊيو موجود آهي، اڏام دوران ٻئي پائليٽ حاضر دماغ نه هئا. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان پي آءِ اي جهاز حادثي جي عبوري رپورٽ پيش ڪئي. سندس چوڻ هو ته شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ٿي رهي آهي، مڪمل رپورٽ به ايوان آڏو پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ سمورا سبب، معاوضي جا تفصيل ۽ ٻيون شيون شامل هونديون. غلام سرور خان چيو ته بدقسمتيءَ سان هي پهريون واقعو ناهي، 72 ورهين ۾ 12 جهاز حادثا ٿيا، جن جي نه جاچ ٿي نه ئي رپورٽ سامهون آئي، جنهن ڪري ذميوارن جو پتو نه پيو. هوابازي واري وزير چيو ته پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ 97 ڄڻا شهيد ٿيا، ان ئي رات ٽيم جوڙي ۽ رات ئي بورڊ ڪراچي پهتو، جنهن جاچ شروع ڪئي. غلام سرور خان چيو ته ايئر ڪنٽرولر 3 ڀيرا پائليٽ کي اونچائي بابت آگاهه ڪيو پر پائليٽ ايئر ڪنٽرولر جي هدايت کي نظر انداز ڪيو، ڪوتاهي ايئر ڪنٽرولر ۽ پائليٽ ٻنهي کان ٿي. هن چيو ته عبوري رپورٽ ۾ ڪنٽرول ٽاور ۽ پائليٽ جي ڪوتاهي سامهون آئي، جهاز رن سان ٽي ڀيرا ٽڪرايو، جنهن جي وڊيو وٽس موجود  آهي. غلام سرور خان چيو ته جهاز جڏهن ٻيهر ٽيڪ آف ٿيو ته ٻنهي انجڻن کي گهڻو نقصان پهچي چڪو هو، لينڊنگ گيئر کانسواءِ جهاز 3ڀيرا رن وي سان ٽڪرائجو. هن چيو ته جاچ رپورٽ  موجب پائليٽ ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر تجويز ڪيل طريقيڪار استعمال نه ڪيو. هوابازي واري وزير چيو ته پائليٽ فائنل اپروچ تي ڪنهن فني خرابي جي نشاندهي نه ڪئي، جهاز رن وي کان اڍائي هزار فوٽ تي هجڻ گهرجي ها، پر جهاز 7220 هزار فوٽن جي بلنديءَ تي هو ۽ اها پهرين ڀڃڪڙي هئي. سندس چوڻ هو ته ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊر مان خبر پئي ته ٻئي پائليٽ ڪورونا وائرس بابت ڳالهائي رهيا هئا، ٻنهي جا خاندان وائرس متاثر هئا، اڏام دوران ٻئي پائليٽ حاضر دماغ نه هئا، پائليٽن جو ڌيان نه هجن سبب حادثو ٿيو. غلام سرور خان چيو ته وائس رڪارڊ ۾ موجود ايئر ڪنٽرولر پائليٽ کي چيو ته اوهان مٿانهين اڏام تي آهيو، هڪ چڪر هڻي اچو، جڏهن ته 10 نائيٽڪل ميلز تي لينڊنگ گيئر کوليا ويا ۽ پوءِ بند ڪيا ويا. غلام سرور خان چيو ته حادثي ۾ 29 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، جن جو به ازالو ڪيو ويندو، متاثرن کي متبادل گهر به ڏنا ويا آهن، فوتين مان 19 ڄڻن 10-10 لک رپيا فراهم ڪيا ويا، هڪ گهر جي ٻارڙي شهيد ٿي، ان کي به معاوضو ڏنو ويو. غلام سرور خان چيو ته بدقسمتيءَ سان پي آءِ اي جي چئن پائليٽن جون ڊگريون جعلي نڪتيون آهن، ڀرتين دوران ميرٽ کي نظرانداز ڪيو ويو، پائليٽن کي سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪرايو ويندو آهي، جيڪا ڏک جي ڳالهه آهي. هوابازي واري وفاقي وزير چيو ته عدالت کي به حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويندو، ذميوارن خلاف بنا فرق ايڪشن ٿيندو، غلام سرور خان جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب پائليٽ ڪنهن خرابي جي نشاندهي نه ڪئي، جهاز ڪرڻ سبب 29 گهرن کي نقصان پهتو. سندس چوڻ هو ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 10 لک رپيا ڏنا ويا، جاچ ۾ سينيئر پائليٽ به شامل آهن. هن چيو تجه ملڪ ۾ هن وقت تائين 12 جهاز حادثا ٿيا، ڇا ماضي ۾ ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويو؟: غلام سرور خانحادثي کان ٽي ڏينهن بعد فرانسيسي ٽيم پاڪستان آئي، ماضي ۾ ايئربليو ايئر ڪريش جو سبب به ڪاڪ پٽ ڪريو جو غيرپيشه واراڻا رويو ۽ قاعدن تي عمل نه ڪرڻ هو، ڀوجا ايئر لائن ۾ به پائليٽ جي غلطي بنيادي ڪردار هئي، حويليان ڪريش ۾ جهاز ٽيڪينيڪ خرابي سبب حادثي جو شڪار ٿيو.