پيپلزپارٽي پاران اين ايف سي ڪميشن بابت حڪومتي نوٽيفڪيشن غير قانوني قرار

اسلام آباد :- پيپلزپارٽي جي مرڪزي ترجمان ڊاڪٽر نفيسا شاھ چيو آھي ته اين ايف سيڪميشن بابت حڪومتي نوٽيفڪيشن غير قانوني آھي  وزيراعظم جو صلاحڪار اين ايف سي جو ميمبر نٿو مقرر ڪري سگھجي، حڪومت ڪرونا وائرس جي وبا تي به انڪار واري پاليسي اختيار ڪئي آھي. اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي ميڊيا آفيس ۾  نفيسه شاهه پلوشا بھرام،روبينا خالد ۽ نذير ڌوڪي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ميمبر پري پري کان آيا پر وزيراعظم قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾شرڪت نه ڪئي  جڏھن ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ بھترين تجويزون پڻ ڏنيون ٻئي طرف حڪومتي ميمبرن جو رويو انتھائي افسوسناڪ ھيو. هن چيو ته حڪومت ٽي وي تي اشتھار ھلائي رھي ھئي ته ڪرونا کان ڊڄڻو ناھي وڙھڻو آھي پر قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خبر پئي ته حڪومت ڪرونا کان ڊڄي ته رھي آھي پر وڙھي به نه رھي آھي. سندس چوڻ هو ته ھن وقت ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب 40 ھزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن  850 کان وڌيڪَ زندگي وڃائي ويٺا آھن ۽ ان صورتحال ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ پريشانيءَ واري ڳالھ آھي ان جو ذميوار وزيراعظم آھي . نفيسا شاھ  چيو ته آف شور ڪمپنين تي حڪومتي پاليسيون ۽ جاري ڪيل آرڊيننس سڀني جي سامھون آھن اصل ۾ حڪومت پنھنجي ماڻھن کي اين آر او ڏنو آهي. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪَ موجوده حڪومت  ايمنسٽي اسڪيم ڏني آھي ۽ پنھنجي ماڻھن کي نوازي رھي آھي. سندس چوڻ هو ته اين ايف سي ايوارڊ ڪميشن آئين آرٽيڪل 161 ۽ 62 جي تحت ڏنو ويندو آھي ۽ ان ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار کي اين ايف سي جو ميمبر مقرر نٿو ڪري سگھجي نوٽيفڪيشن غير آئيني آهي. نفيسا شاهه چيو ته شھزاد اڪبر جو ڪردار نيب ادا ڪري رھي آھي ملڪ بحران ۾ آھي ۽ وزيراعظم ڊراما ڏسي رھيو آھي، هن چيو ته شهزاد اڪبر کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. پلوشا بھرام چيو ته مراد سعيد چئي پيو ته نيو يارڪ جو ميئر وزير اعظم جي پاليسي جي تقليد ڪري رھيو آھي مراد سعيد حڪومت جون ڳالهيون وڌائي پيش ڪرڻ لاءِ آهي. هن چيو ته ڪورونا کي منھن ڏيڻ لاءِ حڪومت ڪيتري سنجيده آهي ان جو اندازو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس مان لڳائي سگھجي ٿو. سينيٽر روبينه خالد چيو ڪي پي ڪي ۾ حڪومتي پاليسين به پي ٽي آءِ  حڪومت کي وائکو ڪري ڇڏيو آھي ڊاڪٽر سھولتن جي اڻاٺ بابت رڙيون ڪري رهيا آهن.