پيٽرول پوڻا ٽي ۽ ڊيزل سوا ٻه رپيا مهانگي: ڪراچيءَ ۾ بجلي 5 رپيا چڙهي وئي

اسلام آباد :- وفاقي حڪومت جو عوام کي نئين سال جو تحفو، پيٽروليم شين، ايل پي جي اگهن ۾ واڌ، ڪراچيءَ واسين لاءِ بجلي به مهانگي ٿي وئي. تفصيل موجب حڪومت طرفان عوام کي نئين سال جا تحفا ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ پيٽرول اگهن ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. جنهن تحٽ پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 61 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 25 پئسا في ليٽر، گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 10 پئسا، لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 8 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. پيٽرول جو اگهه وڌڻ کانپوءِ ان جي نئين قيمت 116 رپيا 60 پئسا في ليٽر هوندي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 127 رپيا 26 پئسا، گاسليٽ جي نئين قيمت 99 رپيا 45 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 84 رپيا 51 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نيون قيمتون رات ٻارهين وڳي کان لاڳو ٿي ويون. ٻئي طرف اوگرا ايل پي جي اگهه ۾ 25 رپيا في ڪلو ۽ گريلو سئلينڊر جي قيمت ۾ 277 رپيا واڌ ڪري ڇڏي. نئين سال جي موقعي تي جتي بجلي ۽ پيٽرول جا اگهه وڌايا ويا آهن، اتي ئي حڪومت عوام جي ويتر چيلهه ڀڃندي ايل پي جي اگهن ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي. اوگرا جنوري 2020 لاءِ ايل پي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب ايل پي جي في ڪلو 25 رپيا مهانگائي ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايندڙ مهيني ايل پي جي جي قيمت ۾ 25 رپيا في ڪلو ۽ گهريلو سئلينڊر ۾ 277 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. اوگرا جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيداواري قيمت ۾ به 20 هزار 121 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، پيداواري قيمت واڌ کانپوءِ 69 هزار 971 مان وڌيڪ 90 هزار 93 رپيا ٿي وئي آهي. ايل پي جي ڊسٽري بيوٽرز ايوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر موجب گلگت ۽ اسڪردو ۾ ايل پي جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت 2150 ۽ في ڪلو 200 رپين ۾ ملندو، جڏهن ته کليل ايل پي جي هاڻ 129 رپيا في ڪلو مان وڌي 155 رپيا في ڪلو ۽ گهريلو سئلينڊر 1513 رپين جي جاءِ تي 1791 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ في يونٽ بجلي 4 رپيا 90 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ٽن مهينن جي 11 درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو، جنهن موجب ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي ساليانو 106 ارب رپين جو بار پوندو. نيپرا ٻڌايو آهي ته ان واڌ سان ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ في يونٽ بجلي جي ايوريج قيمت 17 رپيا 69 پئسا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ 2016 جي جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ٽن مهينن کان شروع ٿيندي، ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ ٽن مهينن جي واڌ جنوري کان مارچ 2019 تائين هوندي پر نيپرا جو فيصلو وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ لاڳو ٿيندو.