پيٽروليم شين جا اگهه 15 ڏينهن کانپوءِ تبديل ڪرڻ واري تجويز منظور

اسلام آباد :-  اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيٽروليم شين جا اگهه 15 ڏينهن کان پوءِ تبديل ڪرڻ واري تجويز جي منظوري ڏني وئي. ناڻي بابت وزير اعظم جي صلاحڪار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي اگهن جي مقرري واري طريقي ڪار جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن پيٽروليم شين جا اگهه 15 ڏينهن کان پوءِ تبديل ڪرڻ واري تجويز منظور ڪري ورتي جڏهن ته ايندڙ مهيني لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن تي به غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي سي 3 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، کنڊ جي درآمد ٽي سي پي جي ذريعي ڪئي ويندي