پيرپاڳاري سان عمران اسماعيل، اسد عمر ۽ ميان محمد سومري جي ملاقات

ڪراچي :- وفاقي وزير اسد عمر جي اڳواڻيءَ ۾ پي ٽي آءِ وفد جي ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ پير پاڳاري سان ملاقات، بجلي جي بحران ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سوڌو سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي صلاح مشورا، پير پاڳاري سان ملاقات بعد وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ حڪومت سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، ڪراچي شهر پاڻيءَ لاءِ تڙپي رهيو آهي، سنڌ سرڪار ڪي فور منصوبي بابت رپورٽ پاڻ وٽ لڪائي ڇڏي آهي، بجيٽ ۾ سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن، جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ صدر الدين شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار سان ڪي به اختلاف نه آهن، اُميد آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ غربت جي خاتمي سوڌو ٻيا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي.