پوليس پنهنجي ذهنيت تبديل ڪري ۽ غلامي مان نڪري، آءِ جي ”صاحب“ ناهي هوندو : سُپريم ڪورٽ جي ايس پي کي ڇنڊ

اسلام آباد :  سُپريم ڪورٽ عورتن جي ڪيسز ۾ عورت آفيسرز جي جاچ يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته پوليس پنهنجي ذهنيت تبديل ڪري ۽ غلاميءَ مان نڪري، پوليس اڃا تائين انگريزن واري دور ۾ هلي رهي آهي. ٻڌڻيءَ دوران آءِ جي کي صاحب سڏڻ تي عدالت ايس پي گجرانوالا کي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته آءِ جي صاحب ڪير ناهي هوندو، دُنيا ۾ ڪٿي به آءِ جي کي صاحب نٿو سڏيو وڃي.سُپريم ڪورٽ عورتن جي ڪيسز ۾ عورت جاچ آفيسر (آءِ او) کان جاچ ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻيءَ دوران آءِ جي کي آءِ جي صاحب سڏڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايس پي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته آءِ جي “صاحب” ڪير ناهي هوندو؟ آءِ جي رڳو آءِ جي هوندو آهي. اسان 1947ع ۾ آزادي حاصل ڪئي، پر پوليس اڃا تائين انگريزن جي دور ۾ آهي، دُنيا ۾ ڪٿي به آءِ جي کي آءِ جي “صاحب” ناهي سڏيو ويندو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس پنهنجي ذهنيت تبديل ڪري ۽ غلامي مان نڪري. عدالت عورت جي ڪيس ۾ مرد جاچ آفيسر مقرر ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايس او پي موجب عورتن جي ڪيسز جي جاچ عورت آفيسر ڪري سگهي ٿي.ٻڌڻيءَ دوران وڪيل دليل ڏيندي چيو ته گجرانوالا ۾ عورت جي مبينا طور اغوا بعد زيادتي واري ڪيس جي جاچ مرد جاچ آفيسر کان ڪرائي وئي. مرد آءِ او جي جاچ تي عدالت سوال اُٿاريا ته ايس ايس گجرانوالا آءِ او کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو. عدالت گجرانوالا ۾ خلع بعد اغوا ٿيل عورت جي درخواست اُڪلائيندي ڪيس ۾ مرد جاچ آفيسر مقرر ڪرڻ تي لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.