پوليس راڪيٽ لانچر سميت ٻيا هٿيار پهچائيندي آهي: ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي جو وڊيو بيان

خانپور:- خانپور تعلقي جي ڪچي واري علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي پاران پوليس بابت اھم انڪشافن تي ٻڌل ويڊيو جاري جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي خبر موجب خانپور تعلقي ۾ دھشت جي علامت بڻيل بدنام ڏوھاري جنھگل تيغاڻي جي پنھنجي زباني ويڊيو جاري ڪئي آھي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنھن ۾ ھن پوليس بابت اھم انڪشاف ڪيا آھن ته مون کي پوليس اسحلو راڪيٽ لانچر سميت ٻيو هٿيار پهچائيندي آھي بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ويڊيو ۾ پنهنجي زباني ٻڌائي رهيو آھي ته مون کي ڳڙھي تيغو جي اڳوڻو چونڪي انچارج الاهي بخش گجر پوليس آفيسر امتياز کوسو قربان ککراڻي راڪيٽ لانچر سان گڏ ٻيا هٿيار دوستي ۾ مون کي سبي کان هٿيار کڻي اچي  پهچائي ويندا آھن ڇو جو مون جا يار آھن مون سان ياري ملهائيندا آھن