پوليسنگ نظام غير فعال هجڻ سبب بيگناهه قتل پيا ٿين: جلال محمود شاهه

دادو:- خيرپورناٿن شاهه ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه مين بس اسٽينڊ تي جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وسيلن تي پ پ سرڪار ڌاڙا هنڻي سنڌي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بدتر آهي، پوليسنگ نظام غير فعال بڻيل آهي جنهن ڪري قتلن ۾ ملوث ماڻهن کي ڇوٽ مليل آهي. ايس يو پي ڪارڪن قتل ٿيا آهن انهن جا جوابدار سري عام گهمن پيا پر انهن کي ڪير گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هر کاتي اندر ڪرپشن جي بازار گرم آهي، ناڻي کاتي ۾ رشوت جي ڏيتي ليتي کانسواءِ بجيٽ رليز نه ٿي ٿئي. تعليمي نظام متاثر آهي. ٻئي طرف رابطه مهم جي سلسلي ۾ جوهي ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه چيو ته بي ايمان ڀڄايو سنڌ بچايو مهم آهي جتي به جنهن سان به ظلم زيادتي ٿيندي اسان ۽ اسانجا ڪارڪن ان جا مددگار ٿيندا, خراب حڪمراني سبب سنڌ جو غريب طبقو پريشان آهي, ڪڻڪ ۽ کنڊ جي هٿرادو بحران پيدا ڪيو  ويو آهي, هن چيو ته اسان اڻڄاڻائي مان نڪري اچون ته سڀني جي تقدير تبديل ٿي ويندي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه سيد جلال محمود شاهه ۽ مرڪزي اڳواڻ دادو پهچڻ تي سندن ورڪرن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاھ ۽ مرڪزي اڳواڻن دادو جي لطيف ليبر حال ۾  ڪانر گڏجاڻي ۽ ڪارڪن  کي خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ صوبائي توڙي بلدياتي اليڪشن ۾ ايس يو پي جا  اميدوار اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺندا ھنن چيو تہ جھموريت جي دعوا ڪندڙ صرف پنھنجا ئي پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن انھن کي غريب عوام جو ڪو به احساس نه آھي..