پنجاب ۾ شادي هال، ريسٽورنٽ، ڪاروباري مرڪز، سياحتي هنڌ، سينيما ۽ ٿيٽر کولڻ جي سفارش

لاهور :- پنجاب حڪومت، شادي هال، ريسٽورنٽ، ڪاروباري مرڪز، سياحتي هنڌن، سينيما ۽ ٿيٽر کولڻ جي سفارش ڪئي آهي. پنجاب جي ڪورونا وائرس بابت ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان جي پکيڙ روڪڻ بابت مختلف قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا ڪميٽي ڪورونا جي موجوده صورتحال کي ڏسندي وفاقي حڪومت کي ايس او پيز تحت شادي هال، ريسٽورنٽ، سياحتي مرڪز، سينيما، ٿيٽر، ڪلب، پارڪس، ڪاروباري مرڪز ۽ راندين جا ميدان کوڻ جي سفارش ڪئي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ موجب سفارش تي قطعي فيصلو اي سي او سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو