پنجاب مان نارين کي مبينا طور اغوا ڪري فحاشي جي اڏن تي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

دادو :- پنجاب مان نارين کي مبينا طور اغوا ڪري فحاشي جي اڏن تي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، فحاشي اڏي تان ڀڄي نڪتل عورت جو وائيس چيٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، ناري جو چوڻ آهي ته شادي جو ڏٽو ڏئي عورتن کي پنجاب مان دادو آڻي بدپيشي لاءِ مجبور ڪيو ويندو آهي، نارين جي وڪري ۾ مبينا طور پوليس اهلڪار ملوث هئڻ جو انڪشاف پڻ ڪيو ويو آهي