پنجاب جي 21 مان 17  ۽ سنڌ جي 11 مان 6  ضلعن  مان ڪپهه جي فيڪٽرين ۾ اچڻ ۾ گهٽتائي

ملتان (واپار ڊيسڪ) پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن (پي سي جي اي) جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق پنجاب جي ڪپهه پيدا ڪندڙ 21 ضلعن مان 17  جن ۾ ملتان، لوڌران، خانيوال، مظفر ڳڙهه، راجن پور، ليه، وهاڙي، ساهيوال، پاڪپتن، اوڪاڙه، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، فيصل آباد، جهنگ، ميانوالي، بکر، سرگودا ۽ بهاولپور ضلعن مان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2.68  کان 100 سيڪڙو  تائين گهٽ ڪپهه جيننگ فيڪٽرين ۾ آئي. جڏهن ته سنڌ جي 11 مان 6 ضلعن، حيدرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ، نوشهروفيروز، ڄامشورو ۽ بدين ضلعن ۾ ڪپهه جي پيداوار  ۾ 1.35 سيڪڙو کان 75.60 سيڪڙو تائين گهٽ ڪپهه جيننگ  فيڪٽرين ۾ آهي. بلوچستان ۾ ڪپهه جي يپداوار گڏيل طور تي 2.13  سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.