پنجاب اسيمبلي جو پهريون ڀيرو اجلاس هوٽل ۾ گهرائڻ جو فيصلو

لاهور :- تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو اجلاس مقامي هوٽل ۾ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته رولز 235 تحت مقامي هوٽل جي ڪرسٽل ۽ رائل گرينڊ هالز کي اسيمبلي چيمبر ڊڪليئر ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته اسيمبلي جي هال ۾ ميمبرن جو ڪورونا ايس او پيز موجب ويهڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري ڪورونا وائرس ايس او پيز تحت اسيمبلي ميمبرن جو سٽنگ پلان تيار ڪيو ويو آهي. چوڌري پرويز الاهي موجب سموريون سياسي جماعتون پنهنجي ميمبرن جي ڪورونا ٽيسٽ يقيني بڻائن ته جيئن اهي اجلاس ۾ شريڪ ٿي سگهن. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس 5 جون تي جمعي ڏينهن 3 وڳي فليٽيز هوٽل ۾ طلب ڪيو آهي.