پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان ملٽري ڪورٽس مان سزا خلاف اپيلن تي فيصلو جاري

پشاور:- پشاور هاءِ ڪورٽ ملٽري ڪورٽس مان سزا جي خلاف اپيلن جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ 426 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ملٽري ڪورٽس مان سزا يافته جوابدارن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، جوابدار کي فيئر ٽرائل جو موقعو ناهي ڏنو ويو، جوابدارن کي اعترافي بيانن تي سزا ٻڌائي وئي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن کي پنهنجي مرضي سان اپيل داخل ڪرڻ جو حق ناهي ڏنو ويو، گهڻن ئي ڪيسن ۾ بندوبستي علائقن مان کنيو ويو، بندوبستي علائقن مان ماڻهن کي ڪيئن کنڀيو ويو هنن وٽ اِهو اختيار نه هو، جوابدارن کي سالن تائين حراستي مرڪزن ۾ رکيو ويو. پشاور هاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ چيو ته 196 ڪيسن ۾ حڪومت ۽ ادارن عدالت کي ڏيڍ سال ۾ ريڪارڊ فراهم ڪيو جڏهن ته 150 کان وڌيڪ اپيلن ۾ ريڪارڊ اڃان تائين پيش ناهي ڪيو ويو.