پاڪ چين واپار هڪ ڏهاڪي دوران 4 ارب ڊالر مان وڌي 17 ارب 40 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو

اسلام آباد (ڪامرس ڊيسڪ) پاڪ چين وچ ۾ ٻه طرفا واپار هڪ ڏهاڪي دوران 4 ارب ڊالر مان وڌي 17 ارب 40 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو، واپار واري وزارت جي ذريعن موجب 2006 ۽2007 ۾ ٻنهي ملڪن وچم ٻه طرفا واپار 4 ارب ڊالر هو جيڪو 2017/2018 ۾ وڌي 17 ارب 40 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو آهي، 2006 کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ۾ آزاد واپار جو پهريون معاهدو ٿيو هو جهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ۾ واپار ۾ نمايان اضافي جو امڪان آهي،ٻنهي ملڪن وچم آزاد واپار جي معاهدي تي نظر ثاني جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڳالهين جي 11هين دور ۾ معاملن جي حتمي شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي.