پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻن ڪيسن جي تصديق ڪورونا وائرس جو هڪ ڪيس ڪراچي ۽ ٻيو اسلام آباد ۾ ظاهر، ٻئي مريض ايران کان آيا هئا: اختياريون

ڪراچي :  چين ۾ تباهي مچائيندڙ ڪورونا وائرس نيٺ پاڪستان به پهچي ويو، 2 ڪيس سامهون اچي ويا. وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ٽوئيٽ ڪندي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻن ڪيسن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ٻنهي مريضن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي. ان کان اڳ سنڌ جي صحت کاتي هڪ ڪيس جي تصديق ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايران کان جهاز ذريعي ڪراچي پهتل نوجوان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آهي، متاثر نوجوان يحيٰ جعفري ۽ سندس خاندان مخصوص وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته متاثر نوجوان جي خاندان جي خاص نگراني ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نوجوان سان گڏ سفر ڪندڙ ٻين ماڻهن جي ڊيٽا به گڏ ڪئي پئي وڃي. ڪورونا جو ٻيو ڪيس اسلام آباد ۾ سامهون آيو آهي.