پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي وئي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي 2018 جي ڀيٽ ۾ 2019 دوران پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل

ڪراچي : ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 2019 ۾ ڪرپشن متعلق رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2018 جي ڀيٽ ۾ 2019 جي دوران پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي وئي، 2018 جي ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جو اسڪور 33 هو ۽ 2019 ۾ اهو 32 ٿي ويو، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 2019 ۾ تمام گهڻا ملڪ ڪرپشن گهٽ ڪرڻ واري ڪارڪردگي بهتر نه رهي ۽ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جي 180 رينڪس ۾ پاڪستان جي رينڪ 120 آهي، رپورٽ موجب 2019 ۾ پهريون نمبر حاصل ڪندڙ ڊنمارڪ جو اسڪول به هڪ پوائنٽ گهٽ ٿي 87 رهيو، جڏهن ته امريڪا، برطانيه، فرانس ۽ ڪينيڊا جو انسداد بدعنواني جو اسڪور به گهٽ رهيو. رپورٽ موجب امريڪا جو اسڪور 2، برطانيه، فرانس جو 4 ۽ ڪينيڊا جو انسداد بدعنواني اسڪور 4 درجو ٿي ويو، جڏهن ته 7 ترقي يافته ملڪ به انسداد بدعنواني جي ڪوششن ۾ ڦاٿل آهن.
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جون سفارشون
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل دنيا ۾ وڌندڙ ڪرپشن روڪڻ جي لاءِ پنهنجون سفارشون به ڏنيون آهن،سياست ۾ وڏي پئسي ۽ اثر رسوخ تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، سفارشن ۾ چيوويو آهي ته بجيٽ ۽ عوامي سهولتون ذاتي مقصدن ۽ مفاد رکندڙن جي هٿن ۾ نه ڏنيون وڃن، مفادن جو ٽڪراءُ ۽ ڀرتين جو طريقيڪار تيزي سان تبديل ڪيو وڃي، دنيا ۾ ڪرپشن روڪڻ جي لاءِ لابيز کي ريگيوليٽ ڪيو وڃي، الڪٽورل ساک مضبوط ڪئي وڃي ۽ غلط مشهوري تي پابندي لڳائي وڃي، شهرين کي بااختيار ڪيو وڃي، سماجي ڪارڪن ۽ نشاندهي ڪندڙ ۽ صحافين کي تحفظ ڏنو وڃي، ڪرپشن روڪڻ جي لاءِ چيڪ اينڊ بيلنس ۽ اختيارن کي الڳ ڪيو وڃي.