پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙي قسم جو بريڪ ڊائون ٿيو آهي:عمر ايوب

اسلام آباد := وفاقي سرڪار بجلي جَي بريڪ ڊائون جِي آزاد جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته گڊو پاور پلانٽ جَي سرڪٽس ۾ فالٽ آيو ته هڪ سيڪنڊ اندر فريڪوئنسي ڊراپ ٿي وئي، فالٽ سان 10 هزار 302 ميگاواٽ بجلي سسٽم مان آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙي قسم جو بريڪ ڊائون ٿيو آهي، جاچ ڪريون پيا ته گڊو ٿرمل پاور هائوس جي ڪهڙي سسٽم ۾ فني خرابي ٿي، ڪوهيڙو ختم ٿيڻ بعد گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ فالٽ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي ويندي، تربيلا پاور پلانٽ جَي سسٽم مان بجلي جِي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ مڪمل طور بجلي جي بحالي ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳي ويندا، سڌ سماءِ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن توانائي جي شعبي ۽ بجلي جي پيداوار تي ڌيان نه ڏنو، بجلي ملڪ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، اُن هوندي به ڪيترائي پيداوار پلانٽس اڃا تائين بند پيل آهن، موجوده حڪومت بجلي جي رسد واري نظام کي بهتر ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي