پاڪستان ۾ وياج جي شرح ايشيا ۾ ٽاپ تي پهتل

ڪراچي :- ايشيائي ملڪن ۾ پاڪستان ۾ وياج جي شرح سڀ کان وڌيڪ هجڻ ڪري واپارين ۽ صنعتڪارن پاران بينڪن مان قرض وٺڻ ( کڻت )گهٽجي وئي، جولاءِ کان سيپٽمبر واري ٽه ماهي ۾ سوا 4 ارب جا گهٽ قرض ورتا ويا، ان ڏس ۾ واپارين واري وفاقي ايوان فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين دارو خان اچڪزئي ڄاڻايو آهي ته انڊيا ۾ وياج جي شرح 5.15 سيڪڙو، سريلنڪا ۾ 8، چين ۾ 4.35، ٿائلينڊ ۾ 1.25، ملائيشيا ۾ 3 ۽ انڊونيشيا ۾ 6.5 سيڪڙو آهي، جڏهن ته اسانجي اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح گهٽائڻ باوجود 13.25 سيڪڙو برقرار رکي آهي، ٻئي طرف قومي بچٽ اسڪيمن تي وياج جي شرح وري گهٽائي وئي آهي، هن مطالبو ڪيو ته واپاري ۽ صنعتي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ وياج جي شرح 50 سيڪڙو گهٽائي وڃي