ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون جو 10 گرام اگهه هڪ لک کان وڌي ويو

ڪراچي : ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون جو 10 گرام اگهه هڪ لک کان وڌي ويو. سون 23 سئو رُپيا اضافي کانپوءِ في تولو هڪ لک 17 هزار 300 رُپيا ٿي ويو. 19 سئو 72 رُپيا اضافي کانپوءِ سون جو 10 گرام اگهه هڪ لک 566 رُپيا ٿي ويو. ملڪ ۾ رڳو جولاءِ مهيني ۾ هيل تائين سون جي اگهه ۾ 12 هزار 800 رُپيا رڪارڊ اضافو ٿيو آهي.