پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ون ڊي سيريز جو پهريون ميچ سڀاڻي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو

ڪراچي :-  پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ون ڊي سيريز جو پهريون ميچ سڀاڻي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو جنهن جي لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب نيشنل اسٽيڊيم جي چئني طرف ڪنٽينر پهچايا ويا آهن جڏهن ته ڪارساز روڊ، اسٽيڊيم روڊ، ڊالميا روڊ ۽ ٻين غير ضروري روڊن ۽ گهٽين کي بند رکيو ويندو.

نيشنل اسٽيڊيم ۽ ان جي چوطرف ٽريفڪ جي روانگي بحال رکڻ جي لاءِ ٽريفڪ پلان تحت عمل ڪيو ويندو. ٽريفڪ پوليس اهلڪار ميچ جي شروعات کان وٺي ميچ جي ختم  ٿيڻ تائين ٽريفڪ جي رواني کي بحال رکڻ  جي لاءِ موجود هوندا.

ياد رهي ته پاڪ سريلنڪا ون ڊي سيريز جي لاءِ انتظاميه کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. هوڏانهن ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر بخاري نيشنل اسٽيڊيم جو دورو ڪري سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.