پاڪستان کي ڪشمير وسري ويو، پي ايس ايل انتظاميا ۾ سئو کان وڌيڪ ڀارتي هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي :-  پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب جي انتظاميه ۾ 130 ڀارتي عهديدار شامل هجڻ جو انڪشاف ٿي ويو. ذريعن موجب ويجهڙائي ۾ ميزبان وقار ذڪا پاران هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن حيران ڪندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب جي انتظاميه لاءِ 130 ڀارتين کي مقرر ڪيو ويو هو. وقار ذڪا پنهنجي وڊيو ۾ هڪ لسٽ ڏيکاري جنهن ۾ پي ايس ايل 5 جي افتتاحي تقريب جي انتظاميه ۾ 130 کان وڌيڪ ڀارتين جا نالا هئا، وقار پاڪستاني حڪومت کان سوال ڪيو ته هن لسٽ کي ڏسو ۽ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ نوڪريون ناهن، ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ۽ اهڙي حالت ۾ هي سمورا ماڻهو پاڪستان ڇو آيا؟ وقار ذڪا پنهنجي وڊيو ۾ چيو ته ڪشمير وارو واقعو وساري ڇڏيو؟ ڪشمير جي آواز اٿارڻ ڇڏي ڏنو، پنهنجي ملڪ وارن کي ڪم ڏيڻ به ڇڏي ڏنو. وڊيو ۾ هن چيو ته ڀارت ۾ اسان جي فنڪارن کي ڌڪا هڻي ٻاهر ڪڍيو ويو، انهن سان خراب ورتاءُ ڪيو ويو، اوهان پاڻ سوچيو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪو ڀارتي چاهيندو ته پاڪستان جو ڪو ايترو وڏو ايونٽ مقبول ٿئي. وقار ذڪا چيو ته جيڪڏهن اهو پاڪستاني ايونٽ هو ته ان ۾ 100 سيڪڙو پاڪستانين کي ڪم ملڻ گهرجي.ان معاملي تي پي سي بي پاران ڪو رد عمل سامهون نه آيو، جڏهن ته ٻئي پاسي ٽوئيٽر تي ان حوالي سان ’’پي سي بي جواب ڏيو‘‘ جي نالي جو ٽرينڊ بڻجي ويو.