پاڪستان واحد ملڪ آهي، جتي جج خلاف ريفرنس تي ڪارروائي ٿيندي آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد:- سپريم ڪورٽ اثاثا هٿ ڪندڙ يونٽ جي اختيارن تي سوال اٿاريندي ريمارڪس ڏنا آهن ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي جج جي خلاف ريفرنس تي ڪارروائي ٿيندي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ صدارتي ريفرنس جي خلاف جسٽس فائر عيسيٰ ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.اٽارني جنرل جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري بابت رپورٽ جمع ڪرائيندي ٻڌايو ته جسٽس قاضي فائز جي گهرواري چوي ٿي ته پنهنجا گوشوارا ڪراچي ۾ فائل ڪري رهيا آهيون، هو چوي ٿي ته جڏهن آمدني ٽيڪس جوڳي ناهي رهي تڏهن ريٽرن فائل ناهن ڪيا، هن اسلام آباد کان ريڪارڊڪراچي منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، هن 2012، 2013ع ۾ آن لائن ريٽرن فائل ڪيا، ايف بي آر موجب مسز فائز عيسيٰ کي 2015ع کان پوءِ ريٽرن جمع نه ڪرائڻ تي نوٽيس جاري ڪيا ويا، هن جي ريٽرن جو ريڪارڊ ڪراچي موڪليو آهي.جسٽس عمر عطا بنديال اٽارني جنرل کان پڇيو ته توهان ڪڏهن دليل ڏيندا. اٽارني جنرل جواب ڏنو ته عدالت جي هر سوال جو جواب ڏيندس، مون کي ڪيس جي تياري لاءِ وقت ڏنو وڃي.سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کان 2 سوال پڇندي چيو ته پهريواهو ٻڌايو ته جج خلاف جي انڪوائري جو اختيار اثاثا هٿ ڪرڻ واري يونٽ کي ڪنهن ڏنو، ٻيو اِهو ته ڪهڙي قانون جي تحت حڪومتي ريفرنس کي عام ڪيو؟ جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اٽارني جنرل صاحب انهن ٻنهي قانوني نڪتن جا جواب  اهم آهن.بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.