پاڪستان قرض پروگرام جا طئه ڪيل سڀئي هدف پورا ڪري ورتا آهن: آءِ ايم ايف

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف قرض پروگرام جا طئه ڪيل سڀئي هدف پورا ڪري ورتا آهن.پاڪستان ۾ موجود آءِ ايم ايف وفد پاڪستان ۾ ڳالهين کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام جا سڀئي هدف پورا ڪيا آهن، ڊسمبر تائين سڀني شعبن ۾ بهتري رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ اضافو اميدن کان به بهتر رهيو.انهن سڀني تعريفن باوجود آءِ ايم ايف مشن جي طرفان پاڪستاني اختيارين سان ايندڙ قسط جي جاري ڪرڻ واري معاهدي جو ذڪر ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته ماضي جي ابتڙ پاڪستان جي طرفان ڪا به پڌرائي جاري ناهي ڪئي وئي.پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ هلندڙ ڳالهين جي پڄاڻي ٿي ۽ جائزه مشن جي دوري جي پڄاڻي تي آءِ ايم ايف پڌرائي به جاري ڪري ڇڏي.پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام تي تيزي سان عملدرآمد ٿيڻ سان بورڊ کي فيصلو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. پروگرام تي عملدرآمد سان ترقياتي ۽ سماجي شعبي جي لاءِ فنڊز ۾ اضافو ٿيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان کي وڌيڪ ڪجهه هدف مڪمل ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو آهي ۽ اهي هدف توانائي جي شعبي ۽ ٽيڪس وصولين بابت آهن.ٻي اقتصادي جائزه ڳالهين جي ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان کي 45 ڪروڙ ڊالر جي ايندڙ قسط ملڻ جو امڪان آهي.