پاڪستان سپر ليگ جو پنجون ايڊيشن مڪمل طور تي پنهنجي ملڪ ۾ ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (اسپورٽس خبر):- وزيراعظم عمران خان پاڪستان سپر ليگ جو پنجون ايڊيشن مڪمل طور تي پنهنجي ملڪ ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ هڪ  تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هاڻ سيڪيورٽي جا ڪي به مسئلا ناهن ۽ هتي مڪمل طور تي امن بحال ٿي چڪو آهي ان لاءِ پاڪستان سپر ليگ جو پنجون ايڊيشن مڪمل طور تي پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندو.هن چيو ته پاڪستان ڏکئي وقت مان گذريو پر هاڻ حالتون سازگار آهن، پاڪستان امن جي رستي تي هلي پيو. ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ٻئين ايڊيشن جي فائنل لاهور ۽ ٽئين جي ڪراچي ۾ ٿي هئي جڏهن ته چوٿين ايڊيشن ۾ 8 ميچون پاڪستان ۾ کيڏيون پيون وڃن.