پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي مائيڪرو انٽر پرائيزز مان سڌي ريت فائدو حاصل ڪري رهي آهي: بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي رپورٽ

 اسلام آباد : ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري اداري (ايم ايس ايم ايز) معاشي ترقي جو بنياد آهي .ترڪي جي اداري(ڊي ايف آءِ ڊي) ۽ بل اينڊ ملينڊ اگيٽس فائونڊيشن جي گڏيل رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ مائيڪرو وانٽر پرائيزز جا 140 ملين صارفين آهن جڏهن ته ملڪ جي آبادي 261 ملين ماڻهن تي مشتمل آهي،اهڙي ريت ملڪ جي 64 سيڪڙو آبادي مائيڪرو وانٽر پرائيزز مان سڌي ريت فائدو حاصل ڪري رهي آهي،ايم ايس ايم ايز رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان جي اٽڪل 90 سيڪڙو ڪاروبارن جو تعلق ايم ايس ايم ايز جي شعبي سان آهي جيڪي ملڪ جي گڏيل افرادي سگهه جي 80 سيڪڙو روزگار جي فراهمي جو سبب آهي.رپورٽ موجب مائيڪرو،سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز ( ايم ايس ايم ايز) جي مائيڪرو فنانس جي وقت تي فراهمي سان مسئلن جي خاتمي ۾ مدد ملندي جنهن سان نه صرف ملڪ ۾ ڪاروباري ۽ صنعتي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو پر ملڪي معيشت جي پائيدار ترقي جي هدف کي پڻ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.