پاڪستان جي رياست ۽ قومي ٻولين جو تڪرار : محسن جويو

پاڪستان جي قيام جي اعلان کان ئي سرڪاري سطح تي اِها پروپيگنڊا ڪئي ويئي ته اردو ملڪ جي قومي ٻولي هوندي. انهيءَ عام هُل سڀ کان وڌيڪ سنڌين ۽ بنگالين کي گهڻي ڳڻتيءَ ۾ وڌو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ٻوليون، تنهن وقت، گهڻيون اسريل هيون. بنگالي ٻولي پنهنجي الڳ تاريخي پسمنظر توڻي لپيءَ سان موجود هئي. سنڌي ٻولي پڻ ادبي طرح هڪ اسريل ٻولي هئي ۽ ورهاڱي اڳ تائين اُها سرڪاري ۽ دفتري ٻولي هئي ۽ سنڌ ۾ تعليمي ذريعي طور اسڪولن ۾ رائج ٿيل هئي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ، ڪنهن به قانون جوڙڻ کان سواءِ ۽ پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ وفاقي اِڪاين سان صلاح مشوري کان سواءِ ،اردو ٻوليءَ ۾ ٽپال وارا ٺپا، نوٽ، سڪا، ريلوي جون ٽڪيٽون ۽ سرڪاري حڪمناما جاري ٿيڻ لڳا، توڻي جو ان وقت تائين اردو ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار نه ڏنو ويو هو. اهڙي رويي تي سنڌين ۽ بنگالين پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. پاڪستان جي قيام جي ٿورن ئي ورهين اندر ڪراچيءَ منجهان سنڌ يونيورسٽيءَ کي نيڪالي ڏني ويئي ۽ ان جي جاءِ تي ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪئي ويئي، تنهن کان سواءِ، ملڪ ٺهندي ئي ڪراچيءَ ۾ سوين سنڌي اسڪولن کي اردو ميڊيم اسڪول ۾ تبديل ڪيو، جنهن جي ڪري، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي، پنهنجي ئي صوبي ۾، پنهنجي ئي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم پرائڻ کان محروم ڪيا ويا. ڪارڻ اهو ڄاڻايو ويو ته هاڻي پاڪستان ٺهي چڪو آهي ۽ ان جي قومي ٻولي اردو آهي، تنهنڪري ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ تعليم نٿي ڏئي سگهجي. سو، اهڙيءَ طرح، ڪنهن آئين، منشور ۽ قانون کان سواءِ، پاڪستان جي حڪمرانن، پنهنجي مرضيءَ سان، اردو ٻوليءَ کي قومي قرار ڏيئي ڇڏيو هو ۽ ان کي ادارتي سطح تي مضبوط ڪرڻ به شروع ڪيو هو، جنهن جو ڪوبه جواز نه پئي جڙيو، ڇاڪاڻ ته ملڪ جوڙيندڙ وفاقي اِڪاين منجهان اردو ٻولي ڪنهن جي به مادري ٻولي نه هئي. اُها رڳو اُن وقت ست سيڪڙو آباديءَ جي ٻولي هئي، جيڪا هندستان جي مختلف علائقن مان لڏي اولهه پاڪستان ۾ آئي هئي. انهيءَ ست سيڪڙو آباديءَ به لڏي اچڻ کان پوءِ اردو ٻوليءَ کي پنهنجايو هو، انهن جون اصلوڪيون ٻوليون ڪي ٻيون هيون، جيڪي اُهي گهرن ۾ ڳالهائيندا هئا. اهڙيءَ ريت، هڪ اقليتي ٻوليءَ کي، ڪنهن قانون يا آئين کان سواءِ ملڪ جي ٻولي بڻايو ويو. پڇڻ تي گهڻن قسمن جا جواب ٿي مليا. مثال طور اردو پاڪستان جي تحريڪ ٻولي آهي، اردو ٻوليءَ سان مسلمانن جو تهذيبي ۽ تمدني رشتو آهي وغيره.

بهرحال، پاڪستان جي قيام جي ٿورڙن ئي مهينن کان پوءِ ٻوليءَ جي تڪرار پيدا ٿيڻ کان پوءِ اوج تي ان وقت پهتو، جڏهن انهيءَ وقت جو گورنر جنرل مسٽر جناح مارچ مهيني ۾ ڍاڪا جو دورو ڪيو، ڪنهن جي وهم گمان ۾ به اِها ڳالهه نه هئي ته مسٽر جناح جو اهو دورو ايترو تڪراري بڻجي پوندو جو ڳالهه وڃي قتل عام تائين پهچندي. تنهن دور جو اخباري رپورٽون شاهد آهن ته بنگال ۾ مسٽر محمد علي جناح جو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو ويو هو ۽ رڳو ايئرپورٽ کي هزارين ماڻهو، سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ گڏ ٿي ويا هئا. ڪنهن به اهو نٿي ڄاتو ته سندس بنگال جو اهو پهريون ۽ آخري دورو هوندو. 21 مارچ 1948ع واري ڏينهن رمنا ريس ڪورس ميدان کي ان ڏينهن خاص طرح سينگاريو ۽ تيار ڪيو ويو هو. مسٽر جناح جيئن ته پاڪستان جو باني ۽ هيرو هو، تنهنڪري ان ڏينهن ميدان ۾ ڪي پنج لک ماڻهو گڏ ٿيا هئا، مسٽر جناح کي فوج جي پروٽوڪول ۾ اسٽيج تائين آندو ويو. سندس تقرير لاءِ اٺ فٽ اوچو روسٽرم تيار ڪيو ويو هو. جڏهن کيس ماڻهن ايندي ڏٺو ته هر پاسي تاڙيون وڳيون هيون. انهيءَ تقرير جي شروعات ۾ هن پنهنجيءَ خوشيءَ جي اظهار ڪرڻ کان پوءِ بنگالي ماڻهن کي چتاءُ ڏنو هو ته ڪي (ڪميونسٽ ۽ بنگالي اڳواڻ) عنصر اهڙا آهن، جيڪي پاڪستاني مسلمانن کي ورهائڻ گهرن ٿا، پر هن چٽي نموني اهڙن دشمنن جا نالا نه کنيا هئا. انهيءَ تقرير ۾ هن اهو چيو هو ته مسلمان هڪ قوم آهي ته انهن لاءِ هڪ ٻولي به ضروري آهي ۽ ”اُها اردو آهي، ٻي ڪابه نه“. سندس لفظ هئا: ”آئون اوهان کي اها ڳالهه بلڪل به واضح ڪرڻ ٿو گهران ته پاڪستان جي رياستي ٻولي، ٻي ڪابه نه، پر اردو ٻولي ٿيڻ وڃي رهي آهي، جيڪو به اوهان کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اُهو پاڪستان جو دشمن آهي. هڪ واحد ٻوليءَ کان سواءِ، ڪابه قوم مضبوطيءَ سان متحد رهي ۽ ڪم ڪري نٿي سگهي. ٻين ملڪن جي تاريخ تي ڏسو. تنهنڪري جيستائين رياست جي ٻوليءَ جو لاڳاپو آهي ته پاڪستان جي ٻولي اردو هوندي.“

انهيءَ تقرير کان پوءِ بنگال ۾ بيچيني اڀري، ماڻهو احتجاج ڪندي رستن تي نڪري آيا، خاص طور ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۽ ٻين ڪاليجن جي شاگردن، بنگالي ٻوليءَ کي سرڪاري وهنوار مان ٻاهر ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙ وزيراعليٰ خواجه ناظم الدين جي گهر ڏانهن وڌي رهيا هئا ته کين ڍاڪا هاءِ ڪورٽ اڳيان روڪيو ويو ته جلوس پنهنجو رستو تبديل ڪيو ۽ سيڪريٽريٽ جي عمارت ڏانهن وڌڻ لڳا. ان وقت پوليس جلوس تي گوليون هلايون، جن ۾ شير بنگال فضل الحق سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. ايندڙ لڳاتار چئن ڏينهن تائين احتجاج ۽ جلسا جلوس جاري رهيا ۽ نيٺ خواجه ناظم الدين بنگالي شاگردن سان معاهدو ڪيو. بنگال ۾ احتجاجن انڪري به زور پڪڙيو هو جو جناح ”ففٿ ڪالمسٽس“ يعني ”پنهنجن ۾ ئي موجود غدارن“ جو محاورو استعمال ڪيو هو، جنهن جو مطلب اهو ورتو ويو ته جناح اهو چئي رهيو آهي ته بنگالي عوام کي بنگالي اڳواڻ ئي گمراهه ڪري رهيا آهن. 24هين مارچ 1948ع تي مسٽر جناح ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي خاص ڪنوينشن کي خطاب ڪيو، جتي هو مهمان خاص هو. هن ڀيري به مسٽر جناح پنهنجي ساڳيي موقف تي قائم هو. هن اردو ٻوليءَ جي وڪالت ڪئي ۽ چيو ته اُها ڪروڙين مسلمانن گڏجي ٺاهي آهي ۽ ان ۾ سڀ کان اعليٰ قسم جو اسلامي ڪلچر سمايل آهي. جن چيو: ”پاڪستان لاءِ رياستي ٻوليءَ جي سوال تي، آئون اوهان اڳيان ٻيهر پنهنجا خيال رکان ٿو. صوبي ۾ سرڪاري وهنوار هلائڻ لاءِ، صوبي جا ماڻهو، پنهنجيءَ خواهش جي ٻولي چونڊي سگهن ٿا، پر رياستي ٻولي (Lingua Franca) هڪڙي ئي هوندي، جيڪا رياست جي مختلف صوبن وچ ۾ رابطي کي قائم رکندي ۽ اها ٻولي، ٻي ڪابه نه، اردو هئڻ گهرجي. تنهنڪري پڪ سان اردو ٻولي رياست جي ٻولي هئڻ گهرجي، اُها هڪ اهڙي ٻولي آهي، جنهن کي هن ننڍي کنڊ جي ڏهن ڪروڙن مسلمانن وڌايو ۽ ويجهايو آهي، اِها اهڙي ٻولي آهي، جيڪا پاڪستان جي پوري ڊيگهه ويڪر ۾ سمائجي وڃي ٿي ۽ سڀ کان مٿاهين ڳالهه هيءَ آهي ته اُها هڪ اهڙي ٻولي آهي، جيڪا ڪنهن به صوبائي ٻوليءَ کان وڌيڪ اسلامي ثقافت ۽ مسلمانن جي روايت کي پاڻ ۾ سانڍي ٿي؛ ۽ اُها اسلامي دنيا ۾ ڳالهجندڙ ٻين ٻولين جي ويجهي پڻ آهي.“

جناح جي انهيءَ تقرير ٻرندي تي تيل وارو ڪم ڪيو ۽ هال ۾ موجود شاگردن جي گهڻائيءَ احتجاجي نعرا هنيا ۽ سندس فيصلي کي رد ڪيو. مسٽر جناح جي پوري سياسي ڪيريئر ۾ هيءُ پهريون ڀيرو هو جو ماڻهو ساڻس اختلاف رکي رهيا هئا ۽ هن خلاف نعرا هڻي رهيا هئا. ان ڏينهن تقرير کان اڳ هو ٿورين گهڙين لاءِ چپ رهيو هو، جنهن کان پوءِ هن اها تقرير ڪئي هئي. انهيءَ ڪنوينشن کان پوءِ مسٽر جناح هڪ وفد سان به مليو هو، پر ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم رهيون. تنهن کان پوءِ شاگرن جي وفد مسٽر جناح سان ملي کيس هڪ يادداشت نامو ڏيڻ پئي گهريو، پر هن شاگردن سان ملڻ کان انڪار ڪيو هو. هن چٽي نموني چيو هو ته ڇا به ٿي پوي پر هو بنگالي ٻوليءَ کي اردو ٻوليءَ جهڙو درجو نٿو ڏئي سگهي. 28 مارچ 1948ع تي بنگال منجهان واپسيءَ کان اڳ مسٽر ريڊيو تان تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن ساڳيو ريس ڪورس ميدان وارو موقف ئي ورجايو هو.

گهڻن تجزيي نگارن جو اهو چوڻ آهي ته بنگال جي پاڪستان کان جدائيءَ جا بنياد انهيءَ دوري کان پوءِ پئجي چڪا هئا. انهيءَ دوري کان پوءِ 21 فيبروري 1952ع تي بنگالي شاگردن، بنگالي ٻوليءَ کي قومي بنائڻ جي حق ۾ شديد احتجاج ڪيو. پوليس قلم 144 لاڳو ڪيو ۽ شاگردن تي گوليون هلايون ۽ سلام، برڪت، رفيق، جبار ۽ شفيق نالي شاگرد ماريا ويا. بنگالين جي پنهنجيءَ ٻوليءَ لاءِ ڪيل لڳاتار جدوجهد ۽ قربانين کان پوءِ نيٺ 29 فيبروري 1956ع ۾ بنگاليءَ کي رياستي ٻولي جو درجو ڏنو ويو ۽ آئين جي فقري 214 (1) ۾ لکيو ويو ته: ”پاڪستان جون رياستي ٻوليون اردو ۽ بنگالي هونديون.“

اهڙيءَ ريت، بنگالي ٻوليءَ کي پنهنجو گهربل ۽ حقيقي آئيني حق مليو، پر سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ خاص طرح ان جي تعليمي ۽ تدريسي عمل کان ٻاهر ٿيڻ واري خطري کي ٽارڻ جي للڪار اڳيان آيل هئي. ساڳيي سال يعني 1956ع ۾ سنڌي ماڻهو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پاليسين تي احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ هلچل هلي رهي هئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ سنڌي ٻوليءَ کان امتحاني زبان جو درجو کسي ورتو هو. بهانو اهو گَهڙيو ويو هو ته سنڌيءَ ۾ امتحاني پيپرن لاءِ ڇپجندڙ سوالنامي ۽ جوابن واري ڪاپيءَ تي خرچ اچڻ جي ڪري، يونيورسٽيءَ مٿان اضافي مالي بار پوي ٿو. اهو خرچ تنهن زماني ۾ ٽن يا چئن هزارن کان مٿي نه هو. اها هڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هئي ته رڳو ٿورن هزارن جي خرچ کان بچڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هزارن جي انگ ۾ سنڌي شاگردن کان پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ ۾ امتحان ڏيڻ جو حق کسي رهي هئي. تنهن کان سواءِ ٻيو بهانو اهو ڄاڻايو ويو هو ته اردو جيئن ته قومي ٻولي بڻجي چڪي آهي، تنهنڪري، اُهي شاگرد جيڪي اردوءَ کان اڻڄاڻ آهن، انهن لاءِ ضروري آهي ته اُهي پنهنجي قومي ٻولي سکن ۽ ان کي پنهنجائين. انهيءَ مسئلي تي ايس ايم ڪاليج، ڊي جي سائنس ڪاليج، اسلاميه ڪاليج، اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج، ڊو ميڊيڪل ڪاليج، ايس ايم لا ڪاليج (اهي ڪاليج ڪراچي يونيورسٽيءَ سان ڳنڍيل هئا) ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ٽن هزارن شاگردن هڪ جلسو منعقد ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي به اردو ٻوليءَ وانگي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ امتحاني ٻوليءَ جي حيثيت برقرار رکڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو ۽ انهيءَ ڏس ۾ هڪ يادداشت نامو يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ کي پيش ڪيو هو، پر يونيورسٽي انتظاميه سنڌي ٻوليءَ کي امتحاني ٻوليءَ جو درجو نه ڏنو. جڏهن ته ورهاڱي کان پوءِ چئن ورهين تائين ڪراچيءَ جي سنڌي شاگردن کي سنڌ يونيورسٽيءَ اهڙو حق ڏنو پئي، جنهن کي 1951ع ۾ نيڪالي ڏيئي، حيدرآباد روانو ڪيو ويو هو.

سنڌي ٻوليءَ سان ايتري ويڌن ڪرڻ کان پوءِ به، ملڪ جي ڪرتن ڌرتن جو هينئون نه ٺريو هو. اُهي هر طرح، هر قيمت تي، اردو ٻوليءَ کي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ اُتاولا هئا. هنن مختلف بهانا پئي ڳوليا. فوجي سربراهه ايوب خان ملڪ سنڀالي ورتو هو ۽ هن ملڪ مان جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏي هئي. ملڪ جي الهندي حصي ۾ موجود صوبن کي ملائي ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو يعني سڀني صوبن کي ملائي هڪ صوبو بڻايو ويو، لاهور کي راڄڌاني بڻايو ويو. بنگال صوبي کي اوڀر پاڪستان جو نالو ڏيئي، ان جي گاديءَ جو هنڌ ڍاڪا کي بڻايو ويو، جڏهن ته وفاقي راڄڌاني ڪراچيءَ مان عارضي طرح راولپنڊيءَ ڏانهن رواني ڪئي ويئي، جنهن کان پوءِ ان کي اسلام آباد روانو ٿيڻو هو، جنهن جي اڏاوت جو ڪم جاري هو. ون يونٽ جي ٺاهڻ جو مقصد بنگالين جي اڪثريت جو مقابلو ڪرڻو هو، جيڪي ملڪ جي آباديءَ جو ڪل 51 سيڪڙو هئا. وقت جي انهيءَ موڙ تي، سنڌي ماڻهو، سياسي طرح، گهڻيءَ ڪاوڙ ۾ هئا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ انهن سان اهو وعدو ڪيو ويو هو ته گڏيل هندستان جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ مسلمانن لاءِ ٺهندڙ نئين رياست ۾ شامل سڀني اِڪاين کي آزادي ۽ خودمختياري ڏني ويندي، پر هيءُ ون يونٽ جو لقاءُ عجيب هو. آزادي ۽ خودمختياري هاڻي پرانهيون ڳالهيون بڻجي ويون هيون، ماڳهين سنڌ جي وجود کي ختم ڪري، ان کي ”سابقه سنڌ“ بڻايو ويو. ڪنهن ماڻهوءَ کي به اِها اجازت نه هئي ته هو ”سنڌ“ لکي يا اچاري. سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي ويئي، جنهن جا تفصيل رڪارڊ تي آهن، هتي پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻي آهي. ون يونٽ جي حڪومت اهو سمجهيو ته هڪ صوبي جي قائم ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ اِڪاين جي تاريخي حيثيت ختم ٿي ويئي آهي، تنهنڪري هاڻي اردو ٻوليءَ کي اولهه پاڪستان جي هڪ صوبي تي لاڳو ڪرڻ سولو آهي.

انهيءَ خيال کي اڳيان رکندي، مارشل لائي اڳواڻ ايوب خان هڪ تعليمي ڪميشن جوڙي. انهيءَ بدنام زمانه ڪميشن کي اڄ به ”شريف ڪميشن“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪميشن جو قيامُ 30 ڊمسبر 1958ع تي عمل ۾ آندو ويو، جنهن جو سربراهه چيف سيڪريٽري ايس ايم شريف کي بڻايو ويو. انهيءَ ڪميشن 5 جنوريءَ کان پنهنجو ڪم شروع ڪري 26 آگسٽ 1959ع تائين پورو ڪيو ۽ 350 تي ٻڌل هڪ دستاويز تيار ڪيو. انهيءَ ڪميشن اڳ ئي موجود تعليمي بندوبستن ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار ڪئي، پنهنجي ”قابليت“ جو ثبوت پيش ڪيو. اصل ۾ هيءُ دستاويز انهيءَ آئيڊيالاجيءَ کي بنياد بڻائي تيار ڪيو ويو هو، جيڪا ملڪ جي حڪمرانن جي ذهن جي پيداوار هئي ۽ ملڪ جي قيام کان وٺي سندن اِها خواهش رهندي پئي آئي ته ڪنهن طرح ان کي سياسي بنياد ڏيئي مضبوط ڪيو وڃي. بنگالين جي اڪثريت جي ڪري اُها آئيڊيالاجي لاڳو نه پئي ٿي سگهي. پر هاڻي جڏهن اولهه پاڪستان الڳ صوبو بڻيو ته ملڪ جي حڪمرانن انهيءَ آئيڊيالاجيءَ کي تعليمي نظام وسيلي عام ڪرڻ لاءِ باقاعدي ڪوششون شروع ڪيون، جنهن جو عملي ثبوت شريف ڪميشن هئي. هيءُ ملڪ جي اسلام نالي ۾ ٺهيو هو، تنهنڪري ان کي اسلامائڻ لاءِ هر سطح تي قدم کڻڻا هئا ۽ انهيءَ ڏس ۾ تعليم وسيلي اهڙي مقصد کي ماڻڻُ سڀ کان سگهارو ۽ سڀ کان سهنجو حربو هو. انهيءَ ڪميشن عام رواجي تعليم جي اپائن جهڙوڪ پرائمري تعليم، ثانوي تعليم، اعليٰ تعليم، بالغن جي تعليم، ووڪيشنل تعليم، استادن جي سکيا، جسماني سکيا، آرٽس جي سکيا، معذورن لاءِ تعليم، کي سوين صفحن ۾ بند ڪري، انهن وچ ۾ پنهنجي مقصد کي وڏيءَ هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر انهيءَ زماني ۾ رڳو ايس ايم شريف ۽ ان جي ٽيم ۾ شامل ماڻهو ئي تعليم جا ماهر نه هئا، پر ٻيا به هئا. انهيءَ ڪميشن جي دستاويز کي پڙهڻ کان پوءِ سائين محمد ابراهيم جويي ۽ سندس ساٿين انهيءَ جي اصل مقصد کي سمجهيو ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سنڌ جا اهي سڀ عالم، اديب ۽ اڳواڻ اڳيئي ون يونٽ کي لاڳو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، مٿان شريف ڪميشن جون سفارشون عام ٿيون ته اُهي جهنگ ۾ باهه جيئن پکڙجي ويون، جنهن جي لهس کي هر محب وطن سنڌي محسوس ڪيو. هن ڪميشن جا بنيادي مقصد ٻه هئا: هڪ ۽ اولين مقصدُ اردو ٻوليءَ کي پاڪستان جي تعليمي سرشتي ۾ اهڙي نموني شامل ڪرڻُ، جو باقي ٻين ٻولين جو وجود هوريان هوريان ختم ٿي وڃي؛ ۽ ٻيو، اسلامي تعليم توڻي ٻه قومي نظريي کي تعليم وسيلي عام ڪرڻُ. جڏهن شريف ڪميشن جي سفارشن ۾ موجود انهن ارادن جي خبر اولهه توڻي اوڀر پاڪستان جي ساڃهوندن کي پئي ته اُنهن اهڙيءَ پاليسيءَ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ خاص طرح صوبن جي ٻولين لاءِ انهيءَ کي قاتل زهر قرار ڏنو. سنڌ ۾ شريف ڪميشن جي سفارشن خلاف وڏو ۽ تاريخي احتجاج ڪيو ويو. انهيءَ ڪميشن سفارش ڪئي هئي ته مادري ٻولين ۾ تعليم رڳو پنجين درجي تائين ڏني وڃي، جڏهن ته اڳتي ڇهين درجي کان وٺي اعليٰ ڊگريءَ جي تعليم تائين اردوءَ کي لاڳو ڪيو وڃي. ياد رهي ته شريف ڪميشن جي سفارشن کي ون يونٽ جي سرڪار، جيئن جو تيئن، منظور ڪري ، لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. انهيءَ حڪم کان پوءِ سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ٻولي سوسائٽي ۽ سنڌ جي محب وطن سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تحريڪ هلائي. اصل ۾ شريف ڪميشن پنهنجيون سفارشون، سنڌ کي ذهن ۾ رکي جوڙيون هيون. ڇاڪاڻ ته سنڌ کان سواءِ اولهه پاڪستان جي ڪنهن به صوبي کي اردو ٻوليءَ کي تعليمي نظام ۾ تعليمي ذريعي جي حيثيت ڏيڻ تي ڪوبه اعتراض نه هو. سنڌ کان سواءِ ڪنهن به صوبي کي انهيءَ ڏس ۾ ڪابه ڳڻتي به نه هئي. سنڌ ئي اهڙو صوبو هئي، جنهن جي ٻولي قديم ۽ تاريخي هئي، جنهن کي ننڍي کنڊ جي اسريل ٻولين ۾ ڳڻيو پئي ويو. تنهن کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي لغت هئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ٻه لک کن لفظ موجود هئا ۽ آهن، لفظن سان گڏ ورجيسون، چوڻيون ۽ محاورا اضافي هئا، تنهنڪري اها علمي ۽ ادبي معيار جي خيال کان هڪ اسريل ٻولي هئي، جنهن ۾ پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي اقتصاديات، سائنس، ميڊيڪل، بايولاجي، فلسفي ۽ مختلف علمن جا ڪتاب لکيا ويا هئا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه، جنهن جي ڪري مٿيان سڀ ڪم ممڪن ٿي سگهيا هئا، اُها هيءَ هئي ته سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو هڪ مڃيل ۽ رائج ڪيل رسم الخط يا لپي هئي، ان جي گرامر ۽ لساني اهميت جي ٻين مامرن تي تفصيلي مواد موجود هو، ان ۾ ناول، ڪهاڻيون، داستان، رسالا ۽ اخبارون موجود هيون، جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ادبي خزاني جي ڳالهه ڪجي ها ته ان ۾ اُنهي زماني ۾ ئي ايترا ڪتاب موجود هئا، جيترا پاڻ اردو ٻوليءَ ۾ به نه هئا. شريف ڪميشن سنڌي ٻوليءَ کي شروعات ۾ پرائمريءَ تائين محدود ڪري، هوريان هوريان ان جو پاڙون ڪمزور ڪري، ان کي ختم ڪرڻ پئي گهريو ۽ ان جي جاءِ تي سنڌ ۾ اردو ٻوليءَ جون پاڙون کوڙڻ پئي گهريون. شريف ڪميشن جون سفارشون، سنڌي ٻوليءَ جي مڪمل طرح خاتمي جي منصوبي تي ٻڌل هيون. سنڌين ماڻهن جو پنهنجيءَ ٻوليءَ سان اٿاهه پيار ۽ لڳاءُ هو، اهو ئي ڪارڻ هو جو اُهي سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ ڪاهي پيا ۽ وقت جي جابراڻي حڪومت کي ان حد تائين مجبور ڪيائون جو 1962ع ۾ ايوب خان تعليمي ڪميشن جي سفارشن کي واپس ورتو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پرائمريءَ کان انٽرميڊئيٽ تائين تعليمي ذريعي هئڻ واري حيثيت بحال ٿي.

آزاد راءِ رکندڙن جو اهو خيال آهي ته ايوب خان جي سرڪار وقتي طرح، وقت جي نزاڪت کي ڏسندي، شريف ڪميشن جي تعليمي سفارشن کي پوئتي ڪري رکيو هو، پر هن ملڪ جي آئيڊيالاجيءَ لاءِ اهو هڪ مثالي دستاويز هو، جنهن مان اڄ ڏينهن تائين، لڳاتار فائدو ورتو پئي ويو آهي.

سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ صوبي ۾ ئي سوڙهي ڪرڻ جو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن طرح جاري رهيو. شريف ڪميشن جي سفارشن کي سنڌ ۾ لاڳو ڪرڻ جي ناڪاميءَ کان پوءِ، سرڪار 1965ع کان 1970ع جي پنج ورهيائي تعليمي سرشتي جي آڙ ۾ هڪ نئين سنبت سان آئي. توڻي جو انهيءَ رٿا کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپيا رکيا ويا هئا ۽ ان رٿا جو بنياد پرائمري تعليم کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ ڄاڻايو ويو هو ۽ اهو ارادو ڪيو ويو هو ته پرائمري سطح تي داخلا شرح کي وڌائي 1970ع تائين 45 سيڪڙي منجهان 70 سيڪڙو ڪيو وڃي ۽ ٻائيتاليهه هزار پنج سئو نوان اسڪول قائم ڪيا وڃن. پر اُهي اسڪول ڪيئن قائم ٿيا، تنهن جو هڪ مثال هتي پيش ڪجي ٿو. انهيءَ پنج ورهيائي تعليمي رٿا هيٺ اولهه پاڪستان جي سرڪار سنڌ جي خيرپور ۽ ميرپورخاص شهرن ۾ ٻه جامع يا ڪامپريهينسوِ اسڪول قائم ڪيا ويا. اهڙا وڌيڪ اسڪول سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به قائم ڪيا وڃڻا هئا ۽ تنهن کان سواءِ اهڙا جامع اسڪول ڇوڪرين لاءِ الڳ قائم ٿيڻا هئا. شروعاتي طرح قائم ڪيل ٻنهي اسڪولن مان هر هڪ ۾ 1500 شاگردن جي داخلا ڪئي وڃڻي هئي. وڏي عجب جي ڳالهه هيءَ هئي ته اُهي جامع اسڪول اردو ميڊيم هئا. جيئن ته اُهي سنڌ جي علائقن ۾ قائم ٿيا هئا، تنهنڪري، ٿيڻو اهو هو ته جيڪي سنڌي ٻار انهن اسڪولن ۾ داخل ٿيندا، انهن کي پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ ۾ نه، اردو ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني ويندي. اهڙن اسڪول جي قيام جي ڄاڻ سنڌ جي اديبن ۽ عالمن کي پئي ته هنن اولهه سرڪار کي اها گذارش ڪئي ته جيڪڏهن اهڙا جامع ۽ سهولت ڀريا اسڪول سنڌ ۾ قائم ٿيا آهن ته پوءِ انهن ۾ تعليم جي ذريعي طور اردو نه، پر سنڌي پڙهائي وڃي ۽ اُها تعليمي پاليسي اختيار ڪئي وڃي، جيڪا سنڌ ۾ هلندڙ آهي، پر سرڪار سنڌ جي اهڙي آواز کي نظرانداز ڪيو. اِهي ٻه اسڪول هئا، جن جي قيام کان پوءِ سائين محمد ابراهيم پنهنجو تاريخي ۽ يادگار مضمون ”اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو“ لکيو هو، ڇاڪاڻ شروع ۾ اهو مضمون انگريزيءَ ۾ لکيو هو، پوءِ پاڻ ئي ان جو ترجمو ڪري، ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپايائون. انهيءَ مضمون جي عام ٿيڻ کان پوءِ انهن جامع اسڪول خلاف ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سنڌ ۾ صوبائي حيثيت جي حوالي کان نئين تحريڪ پيدا ٿي.پر سنڌ ۾ ڪي اهڙا بدخواهه ۽ بدنيت ماڻهو به موجود هئا، جن سرڪار وٽ اِها چغلي هنئي ته اهو مضمون محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. انهن دل جي ميرن ماڻهن سرڪار کي ايترو مڇرايو ۽ ڀريو جو، جويي صاحب کي سنڌ بدر ڪيو ويو ۽ هو ان وقت تائين سنڌ ۾ ٻيهر واپس نه آيو، جيستائين 1969ع ۾ ون يونٽ جي سرڪار ڊهي نه ويئي. جويي صاحب جي خاندان سندس اهڙيءَ جلاوطنيءَ کي تمام گهڻو ڀوڳيو، جنهن جي شاهدي انهن خطن ۾ آهي، جيڪي اڄ ڏينهن تائين محفوظ پيل آهن.

ون يونٽ جي ٽٽڻ، بنگال جي جدائيءَ کان پوءِ، باقي بچيل پاڪستان کي هلائڻ لاءِ نوان بندوبست ڪيا ويا، جن منجهان پهريون اهم قدم ملڪ کي باقاعدي آئين ڏيڻ وارو هو. قيام کان وٺي ملڪ کي عارضي ۽ غيرنمائنده آئينن وسيلي هلايو ويو. باقي بچيل پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ حڪومت جوڙي هئي، جنهن عبوري آئين لاڳو ڪيو هو ۽ ان آئين جي فقري 267 جي رعايت سان 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ جو ائڪٽ جو پاس ڪيو هو، جيڪو سرڪاري رسمي ڪارروائيءَ کان پوءِ 17 جولاءِ 1972ع تي پوريءَ سنڌ ۾ لاڳو ڪيو ويو هو. انهيءَ ائڪٽ کي جوڙڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون هيون، خاص طرح فقري 267ع جي انهيءَ شق ”قومي ٻوليءَ سان تعصب رکڻ کان سواءِ علائقائي ٻوليون پنهنجيءَ ترقيءَ لاءِ اپاءَ وٺي سگهن ٿيون“ کي ڌيان ۾ رکيو ويو هو. انهيءَ ائڪٽ، سنڌي ٻوليءَ کي صوبي جي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي قرار ڏنو ۽ ان کي اِها حيثيت ڏني ويئي هئي، جيڪا ان کي انگريز دور ۾ حاصل هئي ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي سنڌي ٻولي سکڻي پوندي ۽ سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ به سنڌي ٻوليءَ جو سِکڻُ لازمي قرار ڏنو ويو هو. اِها ئي گهربل ڳالهه هئي، جنهن لاءِ سنڌي ماڻهو ملڪ جي قيام کان وٺي جدوجهد ڪندا آيا هئا. ان ائڪٽ پٽاندر تعليمي نظام ۾ سنڌي ٻولي غيرسنڌين لاءِ چوٿين کان ٻارهين درجي تائين لازمي قرار ڏني ويئي هئي. پر انهيءَ بل خلاف اردو ڳالهائيندڙ آبادي تمام گهڻو گوڙ ٿيو، جنهن تان سنڌ ۾ ٻوليءَ وارا فساد اڀريا. رئيس امروهوي جنگ اخبار ۾ چوسٽو لکيو، جنهن جي هڪ سٽ هئي ”اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي“. سنڌي ٻوليءَ جي بل کي لاڳو ڪرڻ کان پوءِ جڏهن حالتون هٿن مان نڪري رهيون هيون ته اهڙي وقت ۾ وفاقي سرڪار سنڌي ۽ اردو اديبن ۽ عالمن کي اسلام آباد گهرايو، جنهن کان پوءِ اڳئين ٻوليءَ واري بل ۾ ترميم ڪري، ٻوليءَ جو ترميمي بل طئه ڪري لاڳو ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ سان اردو ٻوليءَ کي به سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو، سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت سنڌ ۾ اڌوري بڻائي ويئي. اردو ٻولي، جيڪا آئين پٽاندر ملڪ جي قومي ٻولي هئي ۽ پوري ملڪ ۾ جنهن جي عام ٿيڻ جا اپاءَ وڏي پئماني تي ورتا پئي ويا، اُها اعليٰ تعليم سان گڏ سنڌ کان سواءِ باقي صوبن ۾ پرائمري سطح تي لاڳو ڪئي ويئي هئي. تنهنڪري اردو ٻوليءَ جي ”جنازي نڪرڻ“ ڪوبه امڪان نه هو، پر اصل مسئلو اهو هو ته سنڌي ٻوليءَ کي اُها حييثيت نه ڏيڻي هئي، جيڪا ان کي ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ دفترن ۾ ڏني ويئي هئي. ٻوليءَ جي ائڪٽ جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ اردو آباديءَ پاران ان جي سخت مخالفت ۽ وڳوڙن جي اڀرڻ مهل ان وقت جي صدر ذوالفقار علي ڀٽي قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو:

”ٻوليءَ واري بل لاڳو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته مان نٿو گهران ته سنڌي عوام ۾ پاڪستان لاءِ نفرت پيدا ٿئي.“ هن وڌيڪ چيو: ”اردوءَ کي ڪو خطرو ئي ناهي، ڇو ته اُها پنجاب ۽ هندستان ۾ ڳالهائجي، پر سنڌي ٻوليءَ واسطي خطرو پيدا ڪيو ويو هو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌي ماڻهن جا جذبا شديد ٿي ويا. آزاديءَ کان پوءِ ڏهه سنڌي هوندا هئا ته رڳو هڪڙو ڄڻو اردو ڄاڻندو هو، پر اڄ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هرڪو سنڌي ماڻهو اردو ٻولي ڄاڻي ٿو. هاڻي ته ڪي اشتهار اهڙا به لڳايا ويا آهن ته ملڪ کي ”سنڌي“ نه پر پاڪستاني صدر گهرجي.“ انهيءَ تقرير ۾ هن عزم جو اظهار ڪندي اهو به چيو هو: ”مان سنڌي ٻُوليءَ کي بدلائي نٿو سگهان، انهيءَ ڏس ۾ مان هر جوکي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. مان سنڌي ماڻهن جي حقن کي غصب ڪرڻ نٿو گهران، نه ئي سندن ٻوليءَ يا ثقافت کي تباهه ڪرڻ ٿو گهران.“

توڻي جو ذوالفقار علي ڀُٽو ان دور جي پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ سگهارو اڳواڻ هو ۽ ملڪ جو صدر به هو، تنهن کان سواءِ هن پنهنجي پختي عزم جو به اظهار ڪيو هو، پر ٿورڙن ئي ڏينهن کان پوءِ سنڌ کي ٻه ٻوليائي صوبو قرار ڏنو ويو، جتي ٻه سرڪاري ٻولين طور سنڌيءَ ۽ اردوءَ کي لاڳو ڪيو ويو. ترميمي ٻوليءَ واري بل وسيلي سنڌي ٻولي پنهنجي ئي صوبي ۾ محدود ٿي ويئي.

ترميمي بل 1972ع پٽاندر سنڌي شاگردن لاءِ چوٿين کان ٻارهين جماعت تائين اردو ٻوليءَ کي لازمي موضوع پڙهڻي هئي ۽ ساڳيي نموني اردو شاگردن لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي لازمي قرار ڏنو ويو، پر حقيقت هيءَ آهي ته اڄ تائين ٻوليءَ بل تي ان جي روح پٽاندر عمل نه ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻار پرائمريءَ کان ٻارهين جماعت تائين لازمي مضمون طور اردو پڙهن ٿا، پر اردو شاگرد سنڌيءَ کي لازمي ٻوليءَ طور نٿا پڙهن. انهيءَ مسئلي تي سنڌ جا ساڃهوند ۽ پڻ سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيون تنظيمون آواز اٿارينديون رهيون آهن، پر اڃا تائين سنڌ ۾ اردو شاگردن کي سنڌي لازمي مضمون طور پڙهائڻ لاءِ ڪابه اڳڀرائي نٿي سگهي آهي.

حاصل مطلب اهو آهي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ٻولين جو تڪرار موجود رهيو آهي ۽ اُهو هڪ تڪرارُ مختلف وقتن تي مختلف صورتون وٺندو رهيو آهي. اڳي رڳو سنڌي ماڻهن تي اهو الزام لڳايو ويندو هو ته اُهي پنهنجيءَ مادري ٻولي سنڌيءَ جي حقن کي ڳالهه ڪري، اردو ٻوليءَ کي نقصان پهچائي رهيا آهن، پر شيون گهڻيون تبديل ٿي رهيون آهن. وقت گذرڻ سان گڏ پنجاب مان به اِهي آواز اٿڻ شروع ٿيا آهن ته هر ٻار کي پرائمري سطح تي تعليم پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي. هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن (هيڪ) جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جي ڳالهه ٻولهه تازو بي بي سي اردوءَ تي ڏني ويئي آهي، جنهن ۾ هن پرائمريءَ ۾ مادري ٻولين ۾ تعليم تي گهڻو زور ڏيندي چيو آهي: ”منهنجيءَ راءِ ۾ تعليمي ذريعو مادري ٻولي هجڻ گهرجي پوءِ اُها سنڌي هجي، بلوچي، هجي، پشتو يا هجي يا اردو. ٻار ننڍي ڄمار ۾ پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ ۾ سڀ کان بهتر سمجهندا آهن. ضروري ناهي ته اردو ٻولي ئي اڪيلي مادري ٻولي هجي.

ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جي اهڙي ڳالهه ٻولهه جو محرڪ پنجاب صوبي جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي ٿورا ڏينهن اڳ ڪيل اعلان جي جواب ۾ آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته سرڪاري اسڪولن ۾ پرائمري سطح تي اردو ٻوليءَ کي تعليمي ذريعي يعني ”ميڊيم آف انسٽرڪشن“ طور لاڳو ڪيو ويندو. ياد رهي ته نئين هزاريءَ کان وٺي پاڪستاني حڪومت پرائمري سطح تي انگريزيءَ کي پڻ تعليمي ذريعي طور لاڳو ڪيو هو، جنهن جي هاڃيڪار اثرن کي محسوس ڪندي، انگريزيءَ کي پرائمري سطح تي تعليمي ذريعي هئڻ واري پاليسيءَ تان هٿ کنيو پيو وڃي. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جو اهو چوڻ آهي ته اردوءَ بدران ٻارن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي. ٻين لفظن سندس اهو چوڻ آهي ته پنجاب سرڪار کي تعليمي ذريعي طور اردو بدران پنهنجي مادري ٻولي پنجابيءَ کي ئي تعليمي ذريعي طور لاڳو ڪرڻ گهرجي. ان طريقي سان ڏسبو ته پاڪستان ۾ ٻوليءَ جي تڪرار کي رڳو انڌي عقيدي بدران عقلي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ هوريان هوريان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. توڻي جو سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي اديب ۽ عالم وڏي عرصي کان وٺي اها ڪوشش ڪندا رهيا آهن ته ملڪ ۾ موجود ٻوليءَ جو تڪرار رڳو سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي جائز حيثيت ڏيڻ سان لاڳاپيل ناهي، پر اهو مسئلو ملڪ ٺاهيندڙ اِڪاين جي سمورين ٻولين سان لاڳو آهي. تنهن کان سواءِ سنڌي اديب اها ڪوشش پڻ ڪندا آيا آهن ته پاڪستان ۾ ٻولين جي تڪرار جي حل لاءِ ٻين صوبن جي عالمن ۽ اديبن سان گڏجي هڪ ملڪگير تحريڪ شروع ڪجي، پر اهو ڏٺو ويو آهي ته سنڌين کان سواءِ ڪنهن به صوبي کي پنهنجيءَ ٻوليءَ کي جائز درجي ڏيارڻ ۾ ڪا گهڻي دلچسپي نه رهي آهي. وقت گذرڻ سان اڳ هاڻي ٿوريون ٿوريون تبديليون اچي رهيون آهن ۽ ٻين صوبن جا عوام پڻ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي حيثيت جي باري ۾ پنهنجيءَ ڳڻتيءَ کي اظهاري رهيا آهن.