پاڪستان جا سچا دوست

وقت سان گڏ ڪرپشن جي معنيٰ به بدلجي  وئي، گهڻو اڳ پاڪستان ۾ ڪنهن کي شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ ٻاهران گهرائڻ جي پرمٽ سان نوازي ڇڏڻ، ڪنهن خاص ڪمپني يا شخص جي لاءِ ڪنهن قانون ۾ عارضي رعايت يا ڇوٽ ڏيڻ يا واپس وٺي ڇڏڻ، ايتري قدر جو سياسي ڪارڪن کي راشن ڊيپو جو لائسنس ملڻ به ڪرپشن جي دائري ۾ ايندو هو.

عام ماڻهو جيڪڏهن موٽرسائيڪل يا فرج وٺندو هو ته پاڙيوارن جي نظرن کان بچڻ لاءِ اُهي پاڻ ئي سئو سئو وضاحتون ڪندا هئا ته اها موٽرسائيڪل ڪمپني ڏني آهي يا ساهرن وٺي ڏني آهي ۽ اهو فرج هن ڪيئن قسطون گڏائي خريد ڪيو. سڀ کان وڌيڪ احتياط حڪمران ڪندا هئا. مثال طور، محترما فاطمه جناح سدائين پنهنجي ۽ گورنر جنرل جي لاءِ ننڍي سائيز جي ڊبل روٽي گهرائيندي هئي، ڇاڪاڻ ته وڏي ڊبل روٽي ضايع ٿي ويندي هئي.

ايوب خان جي باري ۾ توهان جي ڀلي ڪا راءِ هجي، پر ايوان صدر ۾ هن پنهنجي ڪٽنب تي ٿيندڙ  خرچ ۽ سرڪاري خرچن جا الڳ الڳ کاتا رکيل هئا، ته جيئن سرڪاري ۽ نجي خرچ مڪس ٿي نه وڃن. جنرل اعظم خان کي جڏهن گورنر اوڀر پاڪستان جي عهدي تي ايوب خان هٽايو ته اعظم خان حڪم وصول ڪندي سڀ کان پهرين پنهنجي قلم جي روشنائي سرڪاري سرڪاري مس ڪپڙي ۾ نپوڙي ۽ روانو ٿي ويو.

يحيٰ خان تي توهان جيڪا مرضي پئي الزام لڳايو، پر هن جو بينڪ بيلينس ڪڏهن به هڪ خاص حد تائين اڳتي نه وڌيو. چيو ويندو آهي ته هن جو پشاور ۾ گهر گرنڊليز بينڪ ٺاهي ڏنو. پوءِ اهو بينڪ جو قرض هو يا تحفو والله علم بالصواب. يحييٰ کانپوءِ فوجي سربراهه ٿيندڙ ليفٽيننٽ جنرل گل حسن پوري زندگي پنڊي ڪلب جي ٻن ڪمرن ۾ گذاري. مرڻ کانپوءِ اڪائونٽ ۾ ساڍا ٽي هزار روپيا هئا.

مون پروفيسر غفور صاحب کان پڇيو ڀٽو مالي لحاظ کان ڪيترو لاپرواهه يا ڪرپٽ هو، فرمايو ته ائين هجي ها ته ضياءَ الحق پورو وائيٽ پيپر رڳو ڀٽو جي مالي ڪرپشن تي ڪڍي ڇڏي ها، پر ڀٽو جي دور جي خاتمي کانپوءِ افغان جهاد توڙي فلڊ گيٽ کولي ڇڏيو، اقتدار تيزي سان بدليا، برائي چڱائي جا مفهوم، چوري ۽ سينا زور جا مطلب ۽ شرم ۽ نڪ جي پڪائي جا معيار هيٺ مٿي ٿيندا ويا. اڄ شرمندگي ان جو مقدر آهي، جيڪو الزام لڳائي ۽ جنهن تي الزام لڳن، اُن لاءِ ڪوبه الزام تمغو آهي. ٻه هزار ڏهه ۾ ترڪ خاتون اول پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ هڪ قيمتي هار پاڪستاني حڪومت جي امدادي فنڊ ۾ دان ڪيو. پنج سالن کانپوءِ جڏهن هاهاڪار مچي ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ٻڌايو ته اُهو هار منهنجي ڪٽنب حفاظت سان رکيو آهي، ترڪ خاتون اول منهنجي ڀيڻ آهي.

مارچ 2014ع ۾ پاڪستاني حڪومت جي خزاني ۾ اوچتو ڏيڍ ارب ڊالر گڏ ٿيا، جڏهن ڳالهه کلي ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته اها رقم هڪ پاڙيسري نار ملڪ (سعودي عرب) پاران پاڪستانين جي لاءِ غير مشروط تحفو آهي. هلو خير ڳالهه ختم ٿي وئي. ڪير پڇي ته بنا مطلب تحفي جو ڇا مطلب هوندو آهي ؟

نومبر 2016ع ۾ اڳوڻي جنرل پرويز مشرف انڪشاف ڪيو ته 2009ع ۾ جڏهن هو عمري تي سعودي عرب ويو ته شاهه عبدالله جيڪو مون کي ننڍو ڀاءُ چوندو هو، هن مون کي لنڊن ۾ فليٽ خريد ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏي رقم ڏني. ظاهر آهي اهو ڀائرن جو پاڻ ۾ معاملو هو، آئون ۽ توهان ڪير هوندا آهيو ائين منهن سڄائڻ وارا. ڪاش ڪو بادشاهه مون به ائين ئي پنهنجو ڀاءُ ٺاهي ڇڏي (پوءِ خبر پئي ته اُن فليٽ جي ٻولي ٽيهه لک پائونڊ تائين لڳي). مشرف صاحب اُن کي وڪڻي ڇڏيو يا نه، آئون تصديق نٿو ڪري سگهان.

مسٽر  ڪلين عمران خان کي ملڪي ناڻو بچائڻ جو ان حد تائين شوق هو جو هو ضروري رياستي خرچ به خزاني بدران دوستن تي وجهڻ پسند ڪندو آهي ۽ هن جو خيال آهي ته اها به قومي خدمت آهي. اتفاق سان  خدا خان صاحب کي دوست به اهڙا بي لوث ملنگ عطا ڪيا آهن، جن کي صلي جي پرواهه ئي نه آهي. مثال طور: جهانگير ترين جو جهاز پاڪستان جي خدمت لاءِ جتي ۽ جڏهن جي لاءِ اڄ کان نه پر سالن کان وقف آهي. بدلي ۾ ترين صاحب اڄ تائين وزيراعظم هائوس ۾ چانهه پيندي هڪ چمچو کنڊ به سرڪاري برني کان پنهنجي پياليءَ ۾ نه وڌي، ڇاڪاڻ ته اُها کنڊ جي برني به عوامي ٽيڪس مان ورتي وئي آهي.

ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم ورلڊ اڪنامڪ فورم ڊيوس ۾ بريڪ فاسٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي فخر سان ٻڌايو ته هو ڪڏهن به سرڪاري خرچ تي ايڏن مهانگن دورن تي نه اچي ها، پر منهنجي دوستن مهرباني ڪئي ۽ منهنجو خرچ برداشت ڪيو. انهن مان هڪ دوست آهي اڪرام سهگل، جنهن جي پاڪستان ۾ پاٿ فائينڊر نالي سڪيورٽي ڪمپني آهي ۽ ٻي مارٽن ڊائو نالي دوائون ٺاهڻ جي عالمي ڪمپني آهي. اهي ٻئي ڪمپنيون 2002ع کان ڊيوس ۾ پاڪستان جي قومي مفادن جو تحفظ ڪري رهيون آهن. اُن جي عيوض ٻئي ڪمپنيون اڄ تائين ڪنهن به حڪومت کان ٽڪي جو مفاد حاصل نه ڪيو. اهو نه بلڪه وزيراعظم خزاني کي ٻوجهه کان بچائڻ جي لاءِ ڪنهن کان به مدد وٺڻ کان نٿو گهٻرائي.

 جيئن گذريل سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي ولي عهد جو ذاتي جهاز استعمال ڪيو ۽ ڊسمبر ۾ هن ڪوالالمپور جي اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ نه وڃي پاڪستان خزاني جو چڱو خاصو پيسو بچايو.  هڪ ٻيو بي لوث پاڪستاني ملڪ رياض آهي، هن جا ملڪ اندر ۽ ٻاهر اثاثا، جهاز ۽ هيلي  ڪاپٽر پاڪستان جي لاءِ وقف آهن، ڪنهن بي گهر سياستدان، آفيسر، جج، جنرل کي ڪا به رهائشي ۽ غير رهائشي ضرورت هجي ته ملڪ صاحب سدائين ٻه هٿ وڌائي ٻئي جو مسئلو پنهنجو سمجهي وٺندو آهي. ڪير ٿو چئي ته پاڪستان اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ محفوظ يا غير مخلص هٿن ۾ آهي؟

                 (بي بي سي جي ٿورن سان)