پاڪستان اسٽيٽ بينڪ عيدالفطر جي موقعي تي نوان نوٽ جاري نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي :- پاڪستان اسٽيٽ بينڪ عيدالفطر جي موقعي تي نوان نوٽ جاري نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسٽيٽ بينڪ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪورونا سبب سماجي وٿي کي برقرار رکڻ لاء اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ وفاقي کاتن جَي ملازمن کي 21 مئي تائين پگهارون ۽ پينشن جاري ڪرڻ به حڪم جاري ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ موجب نوان نوٽ جاري نه ڪرڻ بابت فيصلو 29 اپريل تي ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو هو.