پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بدترين ٻاڙائي،2 ڪلاڪ ڪاروبار بند

ڪراچي:- پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾بدترين ٻاڙائي،2 ڪلاڪ ڪاروبار بند، سيڙپڪارن جا اربين ٻڏي ويا، ڊالر 3 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 162 رپين جو ٿي ويو، سون به6000 رپين جي واڌ سان 96800 رپيا في تولو واري مٿانهين حد تي پهتو، ڪورونا وائرس جي روڪٿام ڪيل لاڪ ڊائون ملڪي معيشت کي ويهاري ڇڏيو آهي، جنهن جا اثر ڪالهه اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نظر آيا، 100 انڊيڪس ۾ ٻاڙائي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪاروبار 2 ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو ويو. 100 انڊيڪس 1270 پوائنٽس گھٽتائي بعد 27294 تائين پهچي ويو آهي، واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان ٻاڙائي رهي آهي، هڪ مهيني دوران 45 منٽن لاءِ ڪاروبار بند ٿيندو رهيو آهي پر مُلڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻن ڪلاڪن لاءِ ڪاروبار بند ڪيو ويو. هڪ پاسي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جي رجحان آهي ته ٻئي پاسي پيٽرول جي قيمتن ۾ 15 رپين جي گھٽتائي کانپوءِ رپئي جو قدر گھٽجي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊالر 3 رپيا واڌ سان 162 رپين جو ٿي ويو آهي. ان حوالي سان ناليواري معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو ته ڪاروبار بند هجڻ سبب اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بدترين ٻاڙائي آئي آهي. معاشي معاملن کي بهتري طرف آڻڻ کان اڳ ڪورونا وائرس کي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ پهرين ترجيح هجڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته انساني جانين جو مسئلو اهم آهي. ان حوالي سان معاشي ماهر پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته ڊالر مهانگو ٿيڻ سان هر شيءَ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو، 100 انڊيڪس ۾ گھٽتائي اچڻ جو به سِڌو سنئون غريب ماڻهو تي ناڪاري اثر پوندو، هن چيو ته مُلڪ ۾ لاڪ ڊائون آهي، ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا جو واپار رڪجي ويو آهي، حڪومت ڊالر جي قيمت تي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگھي، اها ڪوشش ڪري مقامي مارڪيٽ کي ضابطي ۾ آڻي سگھي ٿي.