help me write a personal statement for my cv essay writing website script how write creative writing the executive summary in a business plan can help gain the interest of research paper on price volatility la homework help genius creative writing how to help your child do their homework effects of creative writing week 10 homework custom normal and inverted word order in creative writing gmu creative writing concentration

پاڪستاني سياستدان ۽ ڳجها هٿ :ليکڪ ذوالفقار قادري

سينيٽ چونڊن ۾ هڪ دفعو وري اهي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن تہ رياست جي هڪ اهم اداري جي مداخلت سبب مخالف ڌر جي اميدوارن سيد يوسف رضا گيلاني ۽ حافظ عبدالغفور حيدري هارائي ويا آھن سچ تہ اهو آھي تہ پاڪستان ۾ سياستدانن پاڻ ئي فوج ۽ ڳجهن ادارن کي سياسي معاملن ۾ مداخلت جو موقعو فراهم ڪيو آھي ۽ انهن جي غلط پاليسين ۽ ھڪ ٻئي خلاف رسا ڪشي سبب فوج ۽ ڳجها ادارا ايترا تہ سگهارا ٿي ويا آھن جو هاڻي حڪومتن جي تبديلي کان ويندي ملڪ جي داخلا ۽ خارجہ پاليسي تائين جا مامرا فوج جي طئي ٿي ڪري ٖ پاڪستان جي سياسي وائي منڊل ۾ لياقت علي خان کان ويندي حسين شھيد سهروردي تائين ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کان ويندي ميان نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو شھيد تائين سڀني سياستدانن اها دانهہ پئي ڪئي آھي تہ سندن اقتدار جي خاتمي ۽ انتقامي ڪارواين پويان ڳجها هٿ رهيا آھن سندن اشارو سڌي يا اڻ سڌي طرح ملڪي ۽ غير ملڪي انٽيليجنس ادارن ڏانهن رهيو آھي هونئن دنيا ۾ جاسوسي وارو فن ايترو ئي قديم آهي، جيترو انساني تاريخ قديم آهي. تاريخ ۾ قبلِ مسيح کان سڪندر اعظم، بني اسرائيل، رومن شهنشاهيت، فرعونن کان ويندي اسلام جي آمد تائين جاسوسيءَ جي هڪ طويل تاريخ آهي. موجوده دور ۾ عالمي سطح تي جيڪڏهن ڪا تنظيم آهي ته ان ۾ يهودين جي ”سيڪريٽ فري مشن“ آهي. سيڪريٽ سوسائٽيز آف دي ورلڊ مطابق اها تنظيم بني اسرائيل جي بابل، فرات ۽ دجله تهذيبن جي دور ۾ به موجود هئي. اهو دور مشهور انبياءَ ڪرام وارو دور سڏجي ٿو. انهيءَ تي يهودين جي تنظيم ايران جي بادشاهه ”سائرس دي گريٽ“ سان هڪ خفيه معاهدو ڪيو هو ته هو بابل تي حملو ڪري، جنهن لاءِ بابل اندر موجود يهودي سندس مدد ڪندا. هسٽري آف دي ورلڊ، ورلڊ جِيوز انسائيڪلو پيڊيا ۽ انسائيڪلو پيڊيا آف برٽينيڪا مطابق ايراني شهنشاهه ڪورش اعظم يهودين جي جاسوسي ۽ مدد سان بابل تي حملو ڪري، ان کي فتح ڪيو. انهن ڏينهن ۾ بابل تي بخت نصر جي پٽ جي بادشاهت هئي، جنهن کي شڪست آئي. اسلامي تاريخ ۾ به دشمن ۽ جاسوسن تي نظر رکڻ جو احوال ملي ٿو. دنيا ۾ هونئن ته هاڻ هر ملڪ اندر اندروني ۽ بيروني سلامتيءَ خاطر ڪئين خفيه ادارا تشڪيل ڏنا ويا آهن، اهڙي طرح پاڪستان جي قيام سان ئي اهڙي اداري جي تشڪيل ڏني وئي آگسٽ 1947ع ۾ جڏهن ورهاڱو ٿيو، ته متحده هندستان جي فوجي يونٽن کي به ورهايو ويو. نئين ملڪ جي قيام سان گڏ هڪ نئين فوج پڻ وجود ۾ آئي، جنهن جا اڪثر يونٽ ماضيءَ جي انڊين آرميءَ سان جڙيل هئا. ورهاڱي وقت انگريزن ۽ ڀارت جي ارادن کي ڏسندي، بانيءِ پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح 1948ع ۾ باضابطه طور نئين وجود ۾ آيل ملڪ جي خفيه جاسوسي اداري آءِ ايس آءِ (انٽر سروسز انٽيليجنس) جو قيام وجود ۾ آندو. ان پاڪستاني خفيہ اداري جو بانيڪار پاڪستاني فوج جو آسٽريلين نزاد برطانوي فوجي آفيسر ميجر جنرل ڪاؤٿم هو ٖ پر ان جو باضابطہ پهريون سربراه ميجر جنرل شاهد حامد کي مقرر ڪيو ويو. ان سان گڏوگڏ خالص فوجي خفيه ادارو ملٽري انٽيليجنس به قائم ڪيو ويو، جنهن جو مقصد صرف دشمن جي چرپر تي نظر رکڻ هو، پر آءِ ايس آءِ کي وسيع المقاصد سرگرمين لاءِ جوڙيو ويو هو. آءِ ايس آءِ جو بنيادي مقصد ملڪ جي وحدت ۽ سلامتيءَ خلاف ٿيندڙ اندروني ۽ بيروني سازشن ۽ سرگرمين تي نظر رکڻ هو، پر قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات بعد لياقت علي خان جي وزير اعظم ۽ جنرل ايوب خان جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر اِن چيف ٿيڻ بعد آءِ ايس آءِ کان سياسي ڪم به ورتو ويو. آءِ ايس آءِ جوڙجڪ جي حوالي سان وزيراعظم جي ماتحت سول سيٽ اپ جي هيٺ ڪم ڪندي آهي، پر انتظامي طور ان جا سربراهه ۽ اعليٰ آفيسر هٿياربند فوج مان ئي اچي خدمتون سر انجام ڏيندا آهن ان لا۽ آءِ ايس آءِ پاڻ کي هٿياربند فوج جي سربراهه يعني چيف آف آرمي اسٽاف آڏو جوابده سمجهندي آهي.
جڏهن ايوب خان ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته هن آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽيليجنس تي وڌيڪ ڀاڙيو. گڏوگڏ هن انٽيليجنس بيورو ۽ اسپيشل برانچ وارن شعبن کي به سگهه وٺرائي. اوڀر پاڪستان جي سانحي بعد جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو سربراهه ٿيو ته هن هٿياربند فوج ۽ ان جي ماتحت ادارن جي تنظيم نو ڪئي. هٿياربند فوج ۾ ڪمانڊر ان چيف جو عهدو ختم ڪري چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو جوڙيو ويو . ٽنهي فوجن ۾ رابطي لاءِ پهريون دفعو جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جوڙي ان جي چيئرمين جو عهدو جوڙيو ويو ٖ اڳي آءِ ايس آءِ ۾ ڊائريڪٽر جنرل جو عهدو ميجر جنرل يا برگيڊيئر رينڪ جي حاضر سروس فوجي آفيسر وٽ هوندو هو، جنهن کي اپ گريٽ ڪري ليفٽيننٽ جنرل رينڪ واري آفيسر کي ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻايو ويو. پاڪستان جي ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ ۾ پهريون دفعو باضابطہ پوليٽيڪل سيل ذوالفقار علي ڀٽو جي وزارت اعظمئ وارن ڏينهن ۾ جوڙيو ويو ۽ 1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ليفٽيننٽ جنرل غلام جيلاني خان کي آءِ ايس آءِ جو سربراهه مقرر ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو مقرر ڪيل آ۽ ايس آ۽ سربراه ليفٽننٽ جنرل غلام جيلاني 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ پاران ڀٽي جو تختو اونڌو ڪرڻ واري ڪور ڪمانڊرن جي اجلاس ۾ پڻ موجود هو. آءِ ايس آءِ تڏهن عالمي شهرت ماڻي، جڏهن اسي واري ڏهاڪي ۾ افغانستان اندر روسي فوجون داخل ٿيون ۽ جنرل ضياء آمريڪي سي آ۽ اي سان تعاون ڪندي ليفٽننٽ جنرل اختر عبدالرحمان کي آ۽ ايس آ۽ سربراه مقرر ڪري افغانستان ۾ جهاد جي نالي تي افغان ويڙھاڪن کي گڏ ڪري کين مجاهد قرار ڏئي اسلام ۽ ڪفر جي جنگ جي نالي ۾ روس خلاف پاڪستان ۾ ڪيمپون قائم ڪرائي افغان ويڙھاڪن کي هٿيارن سان کين مالي سهڪار پڻ فراهم ڪيو جنرل اختر عبدالرحمان بعد اهو مشن جنرل حميد گل حوالي ڪيو ويو انهن ئي ڏينهن ۾ اپريل 1988ع ۾ مشهور اوجڙي ڪيمپ واقعو پيش آيو. جنرل ضياءَ جي حادثاتي موت بعد چونڊن کان اڳ ليفٽننٽ جنرل حميد گل بينظير ڀٽو جو رستو روڪڻ لا۽ آ۽ جي آ۽ جوڙائي جيئن ميان نواز شريف جي لا۽ رستو صاف ڪجي پر جنرل حميد گل جو منصوبو ڪامياب نہ ٿيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو 1988ع ۾ وزير اعظم چونڊجي آئي، وزيراعظم بينظير ڀٽو جنرل حميد گل کي آءِ ايس آءِ جي سربراهي تان هٽائي ملتان جو ڪور ڪمانڊر مقرر ڪرايو ۽ سندس جاءِ تي هڪ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل شمس الرحمان ڪلو کي مقرر ڪيائين، پر محض ارڙهن مهينن بعد جڏهن صدر اسحاق بينظير سرڪار کي برطرف ڪيو ته بينظير کي اڳواٽ آگاهي به نه ملي سگهي.
پاڪستان ۾ آ۽ ايس آ۽ جو قيام 1948ع ۾ آندو ويو هن وقت تائين آءِ ايس آءِ جا جيڪي سربراه رهيا آھن اهي هن ريت آھن
1 – برگيڊيئر سيد شاهد حامد 1948ع کان 1950ع
2 – ميجر جنرل رابرٽ ڪوئيٽ ھوم 1950ع کان 1959ع
3 – ميجر جنرل رياض حسين 1959ع کان 1966ع
4 – ميجر جنرل محمد اڪبر خان 1966ع کان 1971ع
5 – ليفٽننٽ جنرل غلام جيلاني خان 1971ع کان 1977ع
6 – ليفٽننٽ جنرل محمد رياض 1977ع کان 1979ع
7 – ليفٽننٽ جنرل اختر عبدالرحمان جون 1979ع کان مارچ 1987ع
8 – ليفٽننٽ جنرل حميد گل مارچ 1987ع کان مئي 1989ع
9 – ليفٽننٽ جنرل ( رٽائرڊ ) شمس الرحمان ڪلو مئي 1989ع کان آگسٽ 1990ع
10 – ليفٽننٽ جنرل اسد دراني آگسٽ 1990ع کان مارچ 1992ع
11 – ليفٽننٽ جنرل جاويد ناصر مارچ 1992ع کان مئي 1993ع
12 – ليفٽننٽ جنرل جاويد اشرف قاضي مئي 1993ع کان آڪٽوبر 1995ع
13 – ليفٽننٽ جنرل نسيم رانا آڪٽوبر 1995ع کان آڪٽوبر 1998ع
14 – ليفٽننٽ جنرل ضياءالدين بٽ آڪٽوبر 1998ع کان آڪٽوبر 1999ع
15 – ليفٽننٽ جنرل محمود احمد آڪٽوبر 1999ع کان آڪٽوبر 2001ع
16 – ليفٽننٽ جنرل احسان الحق آڪٽوبر 2001ع کان آڪٽوبر 2004ع
17 – ليفٽننٽ جنرل اشفاق پرويز ڪياني آڪٽوبر 2004ع کان آڪٽوبر 2007ع
18 – ليفٽننٽ جنرل نديم تاج آڪٽوبر 2007ع کان آڪٽوبر 2008ع
19 – ليفٽننٽ جنرل احمد شجاع پاشا آڪٽوبر 2008ع کان مارچ 2012ع
20 – ليفٽننٽ جنرل ظھير الاسلام مارچ 2012ع کان نومبر 2014ع
21 – ليفٽننٽ جنرل رضوان اختر نومبر 2014ع کان ڊسمبر 2016ع
22 – ليفٽننٽ جنرل نويد مختار ڊسمبر 2016ع کان آڪٽوبر 2018ع
23 – ليفٽننٽ جنرل آصف منير آڪٽوبر 2018ع کان جون 2019ع
24 – ليفٽننٽ جنرل فيض حميد جون 2019ع کان اڃا تائين فائز آھي
هن وقت مخالف ڌر مان ميان نواز شريف ۽ مريم نواز جو موقف سخت آھي تہ مخالف ڌر خلاف ٿيندڙ ڪارواين ۾ خفيہ هٿ ملوث آھن سندس اشارو ملڪ جي “ اصل واڳ ڌڻين “ ۽ ڳجهن ادارن طرف آھي ان جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽي ۽ رئيس آصف علي زرداري فوج ۽ ڳجهن ادارن تي تنقيد ڪرڻ ۽ سخت موقف اختيار ڪرڻ کان احتياط کان ڪم وٺي رهيا آھن ميان نواز شريف کي ايئر مارشل اصغر خان جي تحريڪ استقلال پارٽي لاهور جي خزانچي واري عهدي تان کيس جنرل ضياء سان ملائڻ وارو بہ جنرل غلام جيلاني هو ٖ جيڪڏھن پاڪستاني سياست تي نظر وجهنداسين تہ سياستدانن هميشہ هڪ ٻئي جي پاڙ پٽڻ لا۽ “ پنڊي وارن پيارن “ جي مدد ورتي آھي ٖ اها سياستدانن پنهنجو پاڻ سان ڪئي آھي ٻئي طرف پاڙيسري ملڪن تي نظر وجهنداسين تہ اتي فوج جو ملڪي معاملن ۾ دفاع کان سوا ٻيو ڪوئي ڪردار ڪونهي