پائل گهوش جو رچا چڍا جي وڪيل تي ٽرولنگ جو الزام

ممبئي : بالي ووڊ اداڪارا پائل گهوش گذريل ڏينهن بدنام ڪرڻ جي حوالي سان داخل ڪيل ساک متاثر ڪرڻ بابت ڪيس ۾ اداڪارا رچا چڍا کان معافي گهري هئي پر هن رچا چڍا جي وڪيل تي پاڻ کي ٽرول ڪرڻ جو الزام لڳائي نئون تڪرار شروع ڪري ڇڏيو آهي. پائل گهوش معافي گهرڻ کان اڳ وري وري سوشل ميڊيا تي بيان ڏيندي نظر آئي هئي ته هو رچا چڍا کان معافي نه گهرندي. دلچسپ ڳالهه اها هئي جو پائل گهوش ڪيترين ئي ٻڌڻين دوران عدالت سامهون معافي گهرڻ تي راضپو ڏيکاريو هو ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تي واري معافي وٺڻ کان انڪار ڪندي رهي. هاڻي پائل گهوش رچا چڍا جي وڪيل تي پاڻ کي ٽرول ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي هن ڪجهه اسڪرين شاٽس شيئر ڪيا ۽ چيو ته هڪ ٽوئٽر صارف سندس خلاف ڳالهائي رهيو آهي. هن الزام لڳايو ته رچا جي وڪيل سوينا بيدي ان شخص جي حمايت ڪئي هئي.